ٻٻرلوءِ (ن پ ا) ٻٻرلوءِ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي بي ڌياني سبب ميمڻ محلا، مستوئي محلا، سومرا محلا راڄڻ قتار، شيخ محلا ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، ڊرينيج سسٽم تباھ هئڻ ڪري شهر جي مين بازارن جي گهٽين دڪانن گرلس اسڪول جي مين گيٽ طوري قبرستان اندر ڪاهي پيو، شهرين، پرويز سومرو، ڪاشف مستوئي علي اصغر ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٻٻرلو شهر جي 25 لک کان مٿي بجيٽ هئڻ باوجود شهر ڏينهون ڏينهن کنڊر بڻجندو پيو وڃي، نالين روڊن رستن سميت شهر اندر لکين رپين جي ماليت سان لڳل اسٽريٽ لائيٽون ناڪارهه بڻجي ويون آهن، نوٽيس وٺي شهر کي وڌيڪ گندگي کان بچايو وڃي.