ڪوٽڙي (رپورٽر) بلاول ميڊيڪل اسپتال ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي جي پيرا ميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاء چوٿين ڏينھن به او پي ڊي جو بائڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن مسعود ميراڻي، ارشد قريشي، قيوم راھوجو ۽ ٻين چيو ته سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته تازيون ٿيل ڀرتين ۾ به سالن کان ڪم ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازم کي نظر اندز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پراڻن ڪچن ملازمن کي نظر انداز ڪري ڪيل نين ڀرتين کي اسين رد ڪريون ٿا. هنن سي ايم سنڌ سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سالن کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.