لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومري شهر جي مک روڊن تي غيرقانوني پارڪنگ ڪندڙ ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ تي سول اسپتال ٻاهران ريڙهين تي فروٽ، جوس، وڪرو ڪندڙن جون ريڙهيون هٽائي سندن سامان ضبط ڪري ڇڏيو، اي سي جي اهڙي عمل خلاف پورهيتن دانهيندي چيو ته اسپتال ٻاهران فٽ پاٿ تي ريڙهيون بيهاري سامان وڪڻي گهرڀاتين جو پيٽ پالي رهيا آهيون پر اي سي غير قانوني قبضا هٽرائڻ بدران اسان جون ريڙهيون هٽائي سامان ضبط ڪري ظلم ڪيو اهي، ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته ايم ايس جي شڪايتن تي مريض ايمرجنسي ۾ اچن پيا ته صدل، ريڙها هلائيندڙ ۽ غير قانوني پارڪنگ ڪندڙ ايمبولنس جي ڪري روڊ جام ٿي وڃڻ ڪري مريضن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون، جنهن سبب ڪارروائي ڪئي.