نيويارڪ(دلچسپ نيوز) ٻن منهن واري نانگ جي شڪار هڙپ ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهري برائن بارڪزڪ ٻن منهن واري نانگ جي وڊيو شيئر ڪئي آهي. وڊيو ۾ ٻن منهن واري نانگ کي هڪ ئي وقت 2 ڪوئا ڳيهندي ڏسي سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان وڊيو کي ڪجهه منٽن ۾ ئي لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن جڏهن ته صارفين ان انوکي نانگ کي پسند ڪري رهيا آهن ۽ ان بابت دلچسپ تبصرا پڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته اهو ٻن منهن وارو نانگ خطرناڪ آهي انڪري ان کي فوري طور مارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان کي دلچسپي جو سامان سمجهيو ويو ته اهو پنهنجو نسل وڌائي انسانن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.