لنڊن(دلچسپ نيوز) ٻارڙن جي مشهور وڊيو چارلي بٽ مائي فنگر14 سالن بعد پوڻا 12 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 2007 ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل 55 سيڪنڊ جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اها ٻارڙن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي ۽ گهڻو ڏٺي وئي، هيري ۽ چارلي نالي ٻن ڀائرن جي ڪردار ٻارڙن کي گهڻو متاثرڪيو، اها وڊيو يوٽيوب تي 88 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏسجي چڪي آهي،وڊيو کي 14 هين سالگرهه تي 11 ڪروڙ 70 لک رپين ۾ نيلام ڪيو ويو. ان کان اڳ وڊيو جي مالڪ ڊيويز ڪار فيملي اعلان ڪيو هو ته وڊيو جي نيلامي بعد ان کي پليٽ فارم تان ڊليٽ ڪيو ويندو، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ٻولي لڳائندڙ شخص انٽرنيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ ان وڊيو جو واحد مالڪ بڻجي ويندو.