ٻارن جون ڪهاڻيون هاڻ خلا مان نشر ٿينديون

0
323

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) هن وقت عالمي خلائي اسٽيشن مان روزانو ٻارن کي ان جون وڻندڙ ڪتابون پڙهي ٻڌايون پيون وڃن. ناسا خاص طور تي اهو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن کي(اسٽوري ٽائم فرام اسپيس) جو نالو ڏنو ويو آهي.ٻارن کي سمهڻ وقت ڪهاڻيون ۽ مختلف واقعا ٻڌائڻ سان ان ۾ لفظن جي چونڊ، پڙهڻ جي ترڪيب ۽ فڪري قوت به وڌي ٿي. اهوئي سبب آهي ته سڄي دنيا جا والدين پنهنجي ٻارن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندا آهن پر ڪجهه ٻاران کان محروم رهندا آهن ۽ ان کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اصل خلانوردون ناسا جي تعاون سان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي.گلوبل اسپيس ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ناسا جي تعاون سان هي پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن ۾ خلانورد پنهنجي تحقيق ۽ ڪم مان فارغ ٿي خلا مان ٻارن کي مشهور ڪلاسيڪي ڪهاڻيون ٻڌائيندو آهي. اهڙي طرح ٻار گهر ويٺي خلا مان ان جون ڪهاڻيون ٻڌي سگهن ٿا هي منصوبو هڪ تعليم جي ماهر پيٽريشيا ٽرائب ۽ خلانورد بنجامن ايلون ڊريو جونيئر گڏيل طور تي شروع ڪيو آهي. ان جي لاءِ خاص طور تي ٻارن جا مشهور ڪتاب خلائي اسٽيشن تي پهچايا ويا آهن.پهريان خلانورد ڪتاب پڙهندي وڊيو ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ ان کي يو ٽيوب چينل ۽ پنهنجي ويب پيچ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح ڪهاڻيون ٻڌڻ سان هڪ طرف ٻارن ۾ مطالعي جو شوق وڌي ٿو ته ٻئي طرف خلا ۽ سائنسي علم ۾ به دلچسپي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.