ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي: ٻن ڏينهن ۾ 6 ڪشميري نوجوان شهيد

0
342

سرينگر(م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي، وحشي فورسز وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪشمير ميديا سروس موجب قابض ڀارتي فوج اڄ وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو، ٻن نوجوانن کي ضلعي پلوامه ۾ ۽ ٻن کي ڪلگام ۾ شهيد ڪيو ويو آهي، ڪي ايم ايس جي موجب ڪشميري نوجوانن کي گهر گهر تلاشي جي آڙ ۾ شهيد ڪيو ويو، ڀارتي پوليس سري نگر کان حريت اڳواڻ مشتاق اسلام کي به گرفتار ڪري ورتو، مشتاق اسلام کي گرفتار ڪري اڻڃاتل هن منتقل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ڀارتي فورسز ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهد ڪيو هو..