ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي واري پيدا ٿيل شديد بحران خلاف شهرين پاران 9 هين ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪري پيئڻ لاءِ ، جيئڻ لاءِ پاڻي ڏيڻ جون صدائون بلند ڪيون. شهرين ٺٽو بچايو پليٽ فارم هيٺ پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پيئڻ جي پاڻي لاءِ صدا.ئون بلند ڪري پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو ، جيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو ، ٺٽي کي پاڻي ڏيو ، روضي لاءِ پاڻي ڏيو ، نماز لاءِ پاڻي ، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جو زوردار نعرا هڻي پاڻي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شهرين اسد الله شاھ ، جمشيد قريشي ، دلاور شيخ ، عرفان ميرجت ، مدثر شاڪراڻي ،عمران ، سجاد مگسي ۽ ٻين چيو ته هو گذريل 9 ڏينهن کان شهر ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف پريس ڪلب ٺٽي آڏو روزانو احتجاج ڪري رهيا آهن پر ٺٽي جي ضلعي توڙي ميونسپل انتظاميه سندن احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ڏيندي پيئڻ جي پاڻي جي شهر ۾ فراهمي ناهي شروع ڪئي هنن چيو ته شهر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيندي ڳرن اگھن تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين شهرين کي پيئڻ جي پاڻي فراهمي نٿي ڪئي وڃڄي تيستائين سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو .