نصيرآباد (ن پ ا) لاڙڪاڻي مان اغوا بعد قتل ٿيل وارھ واسي نوجوان علي احمد بروهي جي وارثن امڙ نور بيبي ۽ ڀاءُ ابوبڪر بروهي احتجاج ڪندي چيو ته خان بروهي، محمد رمضان، سيف الله، عبدالرسول منهنجي پٽ کي قتل ڪري لاش روهڙي ڪينال ۾ اڇلائي ڇڏيو. هن چيو ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار امين مينگل وٽ ٿيل جرڳي ۾ قتل جو انڪشاف ٿيو، اهڙي فيصلي کي اسان رد ڪري اٿي آيا هئاسين، مقتول جِي امڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پٽ جي قتل جو ڪيس لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي، پر پوليس قاتلن کي گرفتار نه ٿي ڪري.