ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي سامونڊي تعلقي گھوڙاٻاري جي يونين ڪائونسل گرنار جي ڳوٺ محمد عثمان اوٺو ۾ گذريل ڪيترن سالن کان گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد عثمان اوٺو جي عمارت مڪمل طور ڊهي پٽ پوڻ ڪري ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون کلي آسمان هيٺ هڪ ڪاٺ جي کلي جھوپڙي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، ان حوالي سان شاگردن جي والدين عبدالغني اوٺو ، محمد مصري اوٺو، واحد ڏنو اوٺو ، نظير احمد اوٺو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسڪولي عمارت کي ڊهي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته اسڪولي عمارت جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، ٻارڙا جھوپڙي ۾ تعليم پيا پرائين، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت جو ڪم فوري شروع ڪرائي ٻارن جي مستقبل کي بچايو وڃي.