نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان بچل پور پوليس جي حد ۾ ڪنڊي اسٽاپ وٽ شڪارين پاران رات جو ڄار هڻي ٻٽيرن جون ٻوليون لائوڊ اسپيڪر ۾ هلائي ٻٽيرن جو شڪار ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب روزانو سوين ٻٽير لائوڊ اسپيڪر جو آواز ٻڌي لهي ڄار ۾ ڦاسن ٿا، جيڪي قومي شاهراهه تي قائم هوٽلن تي وڪرو ٿين ٿا، جڏهن ته وائلڊ لائف کاتو ننڊ ۾ ستل آهي، علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.