ٺل ۾ پرائمري استاد پُٽ سوڌو قتل

0
216

ٺل ۾ پُراڻي تڪرار تان پرائمري استاد پُٽ سوڌو قتل ٿي ويو آهي

سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا

گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ پرائمري استاد بنگل بنگلاڻي ۽ سندس پُٽ فاروق بنگلاڻي مارجي ويا

فائرنگ دوران هڪ ڄڻو فائق بنگلاڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ۾ نه آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو بنگلاڻي ڌُرين وچ ۾ پُراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي