سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جو مشهور پهلوان لاڏاڻو ڪري ويو

0
359

ميرپور ساڪرو:  سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ملاکڙن ۾ پنهنجي ملھه جو جوھر ڏيکاريندڙ پھرين جوڙ جو پھلوان واحد بخش کيرو ڪينسر سبب لاڏاڻو  ڪري  ويو

پهلوان علاج نه ٿيڻ سبب بستري ڀيڙو هو، راندين واري کاتي سندس سار نه لڌي، اڄ هو زندگي ۽ موت سان جهيڙيندي دم وڇڙي ويو

پھرين جوڙ جي پھلوان واحد بخش کيرو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مشهور ملاکڙن ۾ زور آزمايو، لطيف سرڪار، سچل سرمست جي ميلن ۾ ايوارڊ پڻ ماڻيا

ڊاڪٽرن ڪينسر جي علاج تي 55 لک خرچ ٻڌايو، پهلوان جي وارثن وٽ سگهه نه هُجڻ سبب پئسا نه ڀري سگهيا