ڪيويز کي شڪست: ڏکڻ آفريڪا جي ورلڊ ڪپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن

0
264
ڪيويز کي شڪست: ڏکڻ آفريڪا جي ورلڊ ڪپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن
ڪيويز کي شڪست: ڏکڻ آفريڪا جي ورلڊ ڪپ جي پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ کي هڪطرفي مقابلي کانپوءِ 190 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ ڇهين فتح سان سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي راهه هموار ڪري ورتي
پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني


ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيون
وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ جي اها چوٿين سينچري هئي
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ڪين وليمسن ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ لاءِ موجود نه هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي ڪين وليمسن جي جاءِ تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ٽام ليٿم ٽيم جي قيادت ڪئي
ڏکڻ آفريڪا جي 358 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي پوري ٽيم 36 هين اوور ۾ 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گلين فلپس 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو