غير قانوني طور ترسيل هڪ لک 40 هزار ڌاريا پاڪستان ڇڏي ويا

0
180
غير قانوني طور ترسيل هڪ لک 40 هزار ڌاريا پاڪستان ڇڏي ويا
غير قانوني طور ترسيل هڪ لک 40 هزار ڌاريا پاڪستان ڇڏي ويا

اسلام آباد: گهرو وزارت ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏيو آهي

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ 1 لک 40 هزار 322 ماڻهو پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس هليا ويا آهن

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهرين نومبر کان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي گرفتاري ۽ ڏيهه واپسي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي رضاڪارانه واپسي به جاري رهندي