گهوٽڪي جي نجي اسپتال ۾ عورت ويم دوران فوت، غفلت جو الزام

0
122
گهوٽڪي جي نجي اسپتال ۾ عورت ويم دوران فوت، غفلت جو الزام
گهوٽڪي جي نجي اسپتال ۾ عورت ويم دوران فوت، غفلت جو الزام

گهوٽڪي جي نجي اسپتال ۾ عورت ڊليوري دوران فوت ٿي وئي، وارثن غفلت جو الزام هنيو آهي

بگو واهه محلي جي رهواسي شاهنواز قريشي موجب ته ڀيڻ عاصمه قريشي کي ڊليوري لاءِ ماٿيلو روڊ تي قائم نجي اسپتال سنڌ ميڊيڪل سينٽر تي آندو ته اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ نرس ساجده مسيع نارمل ڊليوري جو چئي صبح 10 وڳي کان رات  تائين ويهاري ڇڏيو، جنهن سبب عورت عاصمه قريشي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي

فوتڻ عورت عاصمه قريشي جي والده انور خاتون قريشي موجب ته اسان کي نرس ساجده مسيع منجهند کان وٺي آپريشن ٿيٽر ۾ نه ڇڏيو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته هو بيهوش ٿي ويل آهي جلد ڊليوري ٿي ويندي پر ڌيءَ جو لاش ڏنو ويو آهي

فوتي عورت جي وارثن اسپتال اندر ڊاڪٽرياڻي طور ڪم ڪندڙ نرس ساجده مسيع خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي