ٺل ڀرسان ٺيڪيدار سميت 4 ڄڻا اغوا، هٿياربندن مزاحمت ڪندڙ ٻن کي ڌڪ هڻي ڇڏي ڏنو

0
219

ٺل ڀرسان ٺيڪيدار سميت 4 ڄڻا اغوا،

ٺل (رپورٽ: عبدالحفيظ سومرو) ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو بنگلاڻي ۾ ڪميونٽي اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم ڪرڻ لاءِ ترسيل 4 مزدورن حضوربخش پهوڙ، عابد بنگلاڻي، امام الدين سولنگي ۽ 13 ورهين جي نينگر الطاف پهوڙ کي اغوا ڪري ويا

 مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند عابد بنگلاڻي ۽ حضوربخش پهوڙ تي تشدد ڪري هٿ پير ٻڌي اڇلائي ٺيڪيدار امام الدين سولنگي ۽ نينگر الطاف پهوڙ کي کڻي ويا

پوليس ۽ ڳوٺاڻن اغوا کان بچي ويلن کان معلومات وٺي پيرا کنيا جيڪي جاگير جي ڪچي واري علائقي ۾ گم ڪري واپس موٽي آيا. اغوا کان بچي ويل حضور بخش پهوڙ ۽ عابد بنگلاڻي ٻڌايو ته مزدوري ڪرڻ لاءِ ترسيل هئاسين ته 12 کان وڌيڪ هٿياربند 4 ڄڻن کي اغوا ڪري وڃي رهيا هئا

مزاحمت ڪرڻ تي تشدد ڪري ٻانهن ڀڃي مٿو ڦاڙي امام الدين سولنگي ۽ الطاف پهوڙ کي اغوا ڪري ويا.بي سيڪشن پوليس موجب اغوا جي اطلاع تي ڌاڙيلن جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ گم ٿي ويا.ٺل تعلقي ۾ مغوين جو انگ 7 ٿي ويو آهي

هي به پڙهندا

دادو ۾ نوجوان پوليس اهلڪار زال کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

پني عاقل مان اغوا ڄاڻايل ناري ڪراچي ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو!