ٺارو شاهه ۾ شاگردياڻي جي لڄ لٽڻ وارو اسڪينڊل: جوابدار پڪڙڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪار يرغمال

0
1162

ٺارو شاهه: شاگردياڻي کي شادي جو ڏٽو ڏئي سندس لڄ لٽي فحش تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ پهتل پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي

ٺارو شاهه جي ڪرنالي پاڙي واسڻ 9درجي جي شاگردياڻي والدين سميت احتجاج دوران الزام هنيو ته جوابدار عمران راجپوت ظلم جو نشانو بڻايو

شاگردياڻي دانهيو ته عمران راجپوت شادي جو ڏٽو ڏئي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندو رهيو ۽ فحش تصويرون وائرل ڪري ڇڏيون

شاگردياڻي جي والد الزام هنيو ته جوابدار ڌيءَ کي دوستن سان لاڳاپا رکڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي، انصاف نه ٿيو ته پاڻ ساڙي ڇڏينداسين

هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ سيشن جج نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته نياڻي جي زندگي تباھ ڪندڙ بااثرن جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

Nine people gang-rape a 15-year-old in Vile Parle | Mumbai Live

ٽائيم نيوز تي شاگردياڻي جي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ سيشن جج نوشھروفيروز ۽ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ نوٽيس ورتو

ايس ايس پي نوشھروفيروز جي حڪم تي پوليس مبينا الزام هيٺ آيل جوابدار عمران راجپوت جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي چڙھائي ڪئي ته جوابدار ڌر پوليس مٿان حملو ڪري ٻن پوليس اهلڪارن شاهد ڪلهوڙو ۽ رشيد سولنگي کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪپڙا ڦاڙي ڇڏياهي ته گنجو آ! گهوٽ

ايس ايڇ او پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري يرغمال بڻايل پوليس اهلڪارن شاهد ڪلهوڙو ۽ رشيد سولنگي کي بازياب ڪرائي ورتو، پر جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته جوابدار عمران راجپوت جي گهر تي پوليس جو ڪڙو برقرار آهي، جڏهن ته اضافي نفري به طلب ڪئي وئي آهي

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي مبينا جوابدار جي ڀاءُ ممتاز راجپوت ٻڌايو ته اسانجي گهر ۾ شادي جو ڪاڄ رٿيل ھو، اوچتو پوليس گهر ۾ گهڙي عورتن تي تشدد ڪيو، جنهن بعد مزاحمت تي اهلڪار زخمي ٿيا آھن

ھي به پڙھندا

ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو، ناري بازياب، زيادتي جو ڪيس داخل