ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو، ناري بازياب، زيادتي جو ڪيس داخل

0
435
ميرپورخاص پوليس جو ڇاپو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)ميرپورخاص جي سيٽلائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ پوليس ڇاپو هڻي 5 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 16 ورھين جي عائشه مغل کي فلٽر پلانٽ جي ڀانڊي مان بازياب ڪرائي ھڪ ڄڻي ياسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي

جوابدار خلاف وومين ٿاڻي تي نينگري کي ورغلائي 4 ڏينهن قيد رکي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وومين پوليس ٻڌايو ته ناري جو سول اسپتال ميرپورخاص مان ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ناري سان زيادتي ٿيڻ جي تصديق ٿي آھي

الزام هيٺ آيل جوابدار  کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب نينگري ۽ جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

 ٻئي طرف جوابدار ياسين جو چوڻ آهي ته مون عائشه سان زيادتي ناهي ڪئي هوءَ رات جو دير سان گهران ناراض ٿي وڃي رهي هئي ته مون کي روڊ تي ملي پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائين ته آئون ناراض ٿي نڪتي آهيان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي کيس مون پنهنجي گودام تي رهايو پر ساڻس ڪا زيادتي نه ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

نوري آباد: پسند پرڻو ڪندڙ ناري مڙس هٿان قتل، ڪيس داخل

ڄامشورو: 2 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي مبينا طور پٿر ھڻي قتل