ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺارو شاهه ويجهو هڪ سال اڳ پ پ اڳواڻ ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي جي بنگلي تي ٿيل حملي ۾ قتل ٿيل چوڪيدار جي خون جو جرڳو،  50 لک ڏنڊ مقرر، خبر موجب ڳوٺ دالي ۾ اڳوڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر مظھر ڪلهوڙو جي سرپئنچي هيٺ لٺيون لڳڻ ڪري قتل ٿيل نوجوان چوڪيدار نبن ڪلهوڙو جي قتل جو جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ ڪلهوڙا ۽ ڏاهري برادري جي ڌرين جا الڳ الڳ مشير غلام مرتضيٰ لوڙھائي، ڊي ايس پي غلام حسين ڏاهري ۽ ٻيا ويٺا، ڳالهين بعد قتل ٿيل چوڪيدار جو خون مور ڏاهري ڌر مٿان ثابت ٿيو، جنهن مٿان 30 لک ۽ پ پ اڳواڻ رحمت الله سولنگي مٿان 20 لک ڏنڍ مقرر ڪيو ويو، جيڪو 15 ڏينهن اندر مقتول جي وارثن کي ادا ڪيو ويندو، جرڳي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.