ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)   پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازيءَ هٿ ڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش،  عدالت قلم 63 تحت جوابدار خلاف داخل ڪيس ڪالعدم قرار ڏئي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت راهداري ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ تي جاچ آفيسر کي 24 ڪلاڪن اندر لاهور منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ قومي ادارن خلاف نفرت ڦهلائڻ واري تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾  گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازي کي پوليس هٿ ڪڙيون هڻي سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪيو، عدالت فوري طور حسان نيازي جون ھٿڪڙيون کولڻ جو حڪم ڏيندي کيس آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس 50 ھزارن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پوليس حسان نيازي کي ٻن هفتن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي،  جنهن تي حسان نيازي جي وڪيلن رمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته سياسي مخالفن ڪوڙو ڪيس ٺاهيو آھي، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار تي انتھائي سنگين الزام آھن، جاچ ڪرڻي آھي، جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر حسان نيازي کي ڪيس مان بري ڪري 24 ڪلاڪن اندر لاهور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،