ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان درٻيلو واسي نوجوان عبدالحميد ميمڻ مبينا طور هڪ هفتي کان گم ٿي ويو. پورهيت نوجوان جي ڀاءُ ظھير ميمڻ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ درٻيلو ۾ ڪريانا مرچنٽ جو دڪان هلائيندو آھي جيڪو هڪ هفتو اڳ درٻيلو کان برف وٺڻ لاءِ ٺاروشاهه ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين واپس نه وريو آھي ۽ ڀاءُ جو فون نمبر به بند آھي اسان کي شڪ آھي ته ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو آھي اسان اهڙو اطلاع درٻيلو پوليس چوڪي تي به ڏنو آھي پر پوليس به اسان جي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. هن وس وارن کان ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.