همايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان ڳوٺ چوڏيو سڌايو ۾ چانهه دير سان ڏيڻ تان گرهاڪ رميز ڪوري ۽ محسن ڪوري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي هوٽل مالڪ علي گل ۽ سندس 60 سالن جي پيرسن پيءُ محمد عظيم ويسر کي رتورت ڪري ڇڏيو، زخمين کي اسپتال آندو ويو، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري ھڪ جوابدار محسن ڪوري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.