يوڪرائين جي صورتحال

0
214
قومي ڪانگريس سڏائڻ جي ضرورت

  جنهن جي آسمان تي جنگ جا ڪڪر ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گھاٽا ۽ گهرا ٿيندا پيا وڃن. اوڀر يورپ جو هي ملڪ جنهن سان منهنجون ڪيئي يادون وابسته آھن جتان جي ڪيترن ئي شھرن ۾ منهنجا ذاتي دوست موجود آھن جن جو هڪٻئي کان مذھب الڳ هو، سندن قوميت الڳ هئي پر ڪميونزم جي مالها واري پرو ۾ پوتل هجڻ سبب انهن ۾ ڪو فرق ڪونه هو ڪا دشمني ڪانه هئي. پاڻ ۾ مٺ محبت سان ته رهيا پئي پر اسان غير ملڪين کي به پنهنجن محبتن جو اسير ڪري ڇڏيو هئائون. روس ۾ وڃي منهنجو ان ڳالھه تي ايمان پختو ٿي چڪو هو ته لينن بلاشڪ  مارڪسوادي سوويٽ انسان جو خالق هو.

ڪوه ڪافي يا وچ ايشيائي قومن جو سڀاءُ ڀلي ته الڳ هو پر هي روسي،  يوڪرائيني ۽ بيلاروسي سڀني جي سڃاڻپ جو مرڪز ڪيفيان روس kievyan rus  هو، ڪيف يوڪرائين جي گادي، ماسڪو کان ٽي صديون آڳاٽو شھر، جتي روسي رياست جو بنياد پيو هو. پهريون دفعو روسين عيسائيت به ڪيف ۾ قبول ڪئي هئي. ڪيف اڄ به ڪيٿولڪ ۽ آرٿوڊڪس ڪرسچنٽي جي سنگم تي آھي. اولھه يوڪرائين جو شھر لُووفَ، ڪيٿولڪ ته اوڀر جو شھر خارڪوف،آرٿوڊڪس ڪرسچن.

ڪيف، نووو گورد، ماسڪو، پيٽرس برگ، ۽ وري ماسڪو ڄڻ هنن ٽنهي قومن جي سياسي تاريخ ۽ تمدن جي شناخت ھئا. ماضي ۾ هنن قومن جي حساس شاعرن  اديبن ۽ ليکڪن هڪ جيترو ئي ڀوڳيو هو، انساني برابري ۽ حق جي تلاش لاءِ.

جڳ مشھور روسي ۽ يوڪرائيني همعصر اديب، دستايووسڪي ۽ تاراس شيفچنڪو پيٽرزبرگ جي قهوي خانن کان وٺي سائبيريا ۽ ڪِزل ڪُم جي جيل خانن تائين رومانوف گهراڻي جي زارن سان ٽڪراءُ ۾ رهيا ۽ انهن جي وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو ويهين صدي ۾ هو هڪٻئي لاءِ ڌاريا ۽ غير ملڪي سڏيا ويندا. پيوٽن ڀلي ته جمهوريت کي هڪ فرسوده نظام سڏيندو هجي، لبرلزم جو مخالف هجي ڊڪٽيٽر، انساني حقن جو مخالف ۽ آمريڪا ۽ برطانيه جي اليڪشن ۽  ريفرينڊم ۾  هيراڦيريون ۽ مهم جويون ڪندو هجي پر سئو ڳالهھ جي هڪ ڳالھه ته هو  “ڪيفيان روس” کي پنهنجو مرڪز سمجھي ٿو، ڪيف، ماسڪو ۽ مينسڪ جي ٽيهن سالن جي علحدگي کي مغرب جو مڙھيل فيصلو سڏي ٿو ۽ سندس ان راءِ سان سوويٽ يونين جي تاريخ جاگرافي ڄاڻندڙ دنيا جو هر ماڻھو متفق آھي.

دراصل پاڪستان وانگر يوڪرائين به مدبراڻي قيادت جي کوٽ جو شڪار آھي. قيادت جي اهڙي کوٽ 1991ع واري ريفرينڊم وقت به ڪيف ۾ محسوس ٿي رهي هئي ته بيلاوز ٻيلي ۾ ڊسمبر جي سرد رات ۾ سوويٽ يونين جي خاتمي جو اعلان به قيادت جي سياسي ڇڇورائپ جو واضح مثال هو جنهن سويٽ يونين جي هر قوم پرست ۽ ڪميونسٽ کي ويڳاڻپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. اڳتي هلي ماسڪو ۽ مينسڪ جي عوام ۽ قيادت کي ان غلطي جو احساس ٿيو پر يوڪرائيني دوست زينيا چواڻي ته هو اڃان هڏي جي ھوڏ تي بيٺل آھن. زينيا مطابق جيڪڏهن يوڪرائين کي واقعي به  زندهہ رهڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته انهن کي ڪنهن به پاسي نه هجڻ گهرجي بلڪه يوڪرائين کي اوڀر ۽ اولھه جي وچ ۾ هڪ پل طور ڪم ڪرڻ گهرجي.

هونئن به آمريڪا ۽ اولھه يورپ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته من حيث القوم روسي  ڪڏهن به يوڪرائين کي ٻيو جدا ملڪ تصور نه ٿا ڪن ڇو ته اهو صدين کان روس جو حصو رهيو آهي ۽ انهن جون ثقافتون هڪٻئي سان جڙيل آهن. اسان ڌارين کي تِرُ جيترو فرق به 1991ع کان پوءِ محسوس ڪرائيندا هئا. ڪوچ، روشينڪو ۽ زليونسڪي  سياسي سمجھوتن ڪرڻ  کان پاڻ کي نابلد ثابت ڪيو آھي. افسوس اهو آھي ته ملڪ جو هڪ وڏو خوبصورت حصو “ڪريميا” وڃائڻ کان پوءِ ٻئي حصي دانييتسڪ ۽ وراشلوف گراڊ يعني لوگانسڪ ڦُرائڻ جو به کين شوق دامن گير ٿيل  آھي. ڇاڪاڻ ته يوڪرائين تي ڪنهن به روسي حملي جي صورت ۾ نيٽو سڌي طرح روس سان جنگ ڇيڙڻ کان پاسو ڪندي پاڻ کي فقط  اقتصادي پابندين تائين محدود رکندو. في الحال ڀلي کڻي آمريڪا پنهنجن 8 هزار فوجي سپاهين کي ھاءِ الرٽ تي ڇو نه رکيو هجي پر خود آمريڪي صدر بائيڊن پنهنجي ملڪ اندر ڪيترن ئي مسئلن خاص طور بيروزگاري، افراطِ زر ۽ پنهنجي صدارتي پوزيشن کي ٿيل چئلينجن کي منهن ڏيئي رهيو آھي. تنهن ڪري آمريڪا يانيٽو جا ملڪ جنگ جي صورت ۾ روس سان زباني ڪلامي ڌمڪين تي انحصار ڪرڻ کان اڳتي نه وڌندا.

تاريخ ۽ ثقافت کي الڳ رکندي،  دفاعي نقطه نظر کان ڏسبو ته روس، نيٽو کي يوڪرائين کان پري رکڻ تي حق بجانب نظر اچي ٿو جنهن لاءِ ھن آمريڪا ۽ سندس اتحادين وٽ سخت مطالبا رکيا آھن جن کي مڃڻ کان نيٽو جا ملڪ، خاص طور آمريڪا ۽ برطانيه برملا انڪار ڪري چڪا آھن جڏهن ته جرمني ۽ فرانس جو روس ڏانهن ڪجهھ نرم رويو تازو ئي ڪالھه انهن ملڪن جي سربراهن  جي ملاقات مان ظاهر ٿيو آھي. ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي ڪوششن سان،  اڄ روس ۽ يوڪرائين جي سفارتڪارن جي پئرس ۾ ملاقات به رٿيل آھي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يورپ جا اهم ملڪ فرانس ۽ جرمني هر حالت ۾ يوڪرائين جي مسئلي جو سفارتي حل ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آھن. درحقيقت فرانس ۽ جرمني سابق سوويٽ رياستن کي نيٽو اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جا شروع کان مخالف رهندا اچن ٿا. ٻئي ملڪ بالٽڪ رياستن کان سواءِ باقي ٻين سابق سوويٽ رياستن کي پنهنجي اتحادن ۾ شامل ڪرڻ کان لنوائي رهيا آھن جنهن جو اصل بار سندن معيشت تي پوڻو آھي. اهي ڳالھيون يوڪرائين جي سياسي قيادت کي سمجھڻ ضروري آھن جن جو ادراڪ شايد وٽن ڪونه آھي.

لاريب ته يوڪرائين هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ دنيا اندر پنهنجون پاليسيون پاڻ مرتب ڪرڻ جو حق رکي ٿو، جنهن ڳالهھ کي مغربي ميڊيا تي وري وري ورجايو به وڃي ٿو پر پوءِ آمريڪا صديون اڳ اهڙو حق ٻنهي آمريڪي اپکنڊ جي قومن ۽ ملڪن کان منرو ڊاڪٽرائين جي نالي تي کسي چڪو آھي. غالب امڪان آھي ته هن مرحلي مان نڪرڻ کان پوءِ پيوٽن طرفان به اهڙو نظريو متعارف ڪرايو وڃي جنهن ۾ پوري دنيا کي سابق سوويٽ روس جي رياستن کان پري رهڻ جو انتباهه ڏنو وڃي. ياد رهي ته انهن رياستن کي ڏهاڪو سال اڳ روس near abroad جو نالو ڏيئي چڪو هو.  ٻئي طرف  روس گذريل ٻن ڏهاڪن کان پيوٽن جي سرواڻي ۾ پنهنجي طاقت ۽ اثر جي دائري  sphere of influence کي ٻيهر بحال ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي رهيو آھي جيڪو هو برلن وال جي ڪرڻ ۽ جرمني جي هڪ ٿيڻ وقت وڃائي چڪو هو. پيوٽن يورپ ۾ پنهنجي طاقت ۽ اثر جي دائري کي ويهن سالن ۾ ٻيهر بحال ڪرائي اهو ثابت ڪيو آھي ته منظم ۽ سڄاڻ قيادت، پنهنجن قومن جي، ترقيءَ جا صدين وارا  پنڌ ۽ پيچرا، سالن ۾ طئي ڪرائيندي آھي. حالتون ڪيتريون به موافق هجن پر روسي قيادت کي نظر يوڪرائيني ڀائرن تي رکڻي آھي جتي سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ لڳ ڀڳ 17 هزار ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا آھن. پيوٽن کي قوم پرست سلوويڪ جي صورت ۾ اهو چئي يوڪرائين تي حملي کان پاسو ڪرڻو پوندو ته:

هي سنگرام آڏو آ نارائڻ شيام

تنهن کي گولي ڪيئن هڻان مان

ڪيئن هڻان

[email protected]