ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ، حڪومتي ڪارڪردگي ۽ ساک آڏو سوال

0
172
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجوده وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي آڏو وڏو سواليا نشان آڻي ڇڏيو آهي.اسان جهڙن ٽين دنيا جي ملڪن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ئي اهو آهي ته اتان جا وسيلا ۽ عوام کان ملندڙ ٽئڪس انهي جي بهتري تي خرچ ٿيڻ بدران ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ هليا ٿا وڃن جنهن ڪري اها دولت ۽ وسيلا ڪجهه خاندانن ۽ فردن جي فائدن ۾ استعمال ٿين ٿا پر مجموعي عوام جي حالت رحم جوڳي هجي ٿي.توڙي جو پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ ناهي پر انهن جو غلط استعمال ئي ماڻهن جي معيار ندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪارائتو نه ٿو ٿئي.جنهن ڪري ادارن جي ڪرپشن کان وٺي فردن جي ڪرپشن تائين کي هٿي ملي ٿي جنهن جو ثبوت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي موجوده حڪومت بابت جاري ڪيل رپورٽ آهي جنهن ۾ ملڪ 124 نمبر مان جمپ هڻي 140 تائين پهچي ويو آهي جنهن جو مطلب ڪرپشن گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي جيڪا هن حڪومت لاءِ فڪر جو لمحو هجڻ گهرجي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 180 ملڪن جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ 16 درجا مٿي چڙهي ويو آهي ۽ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ دنيا ۾ 140 هين نمبر تي اچي ويو آهي

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020ع ۾ پاڪستان دنيا ۾ 124هين نمبر تي هو ۽ 2020ع ۾ ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جو اسڪور گذريل سال 31 هو جڏهن ته 2021ع ۾ پاڪستان جو ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس اسڪور 28 هو، ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي اسڪور ۾ 3 پوائنٽس ڪمي ٿي آهي، انڊيڪس جو اسڪور گهٽ ٿيڻ ڪرپشن ۾ واڌ جي نشاندهي ڪري ٿو.پي ٽي آءِ جي موجوده وفاقي حڪومت جو نعرو ئي احتساب ۽ ڪرپشن جو خاتمو هو جنهن نعري تي مهم هلائي اليڪشن کٽي اها اقتدار ۾ آئي.پاڪستاني سياست ۾ ڪرپشن جي نعري جو وڏو عمل دخل رهيو آهي سياسي منشور بدران اڪثر حڪومتون ۽ پارٽيون انهي ڪرپشن جي نعري تي عوام جون همدرديون حاصل ڪري اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن پر جنهن انداز ۾ ڪرپشن ۽ احتساب لاءِ مهم پي ٽي آءِ ۽ خاص ڪري انهي جي اڳواڻ عمران خان هلائي ته انهي کي ڏسي عوام کي اميد پيدا ٿي هئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪرپشن مڪمل ختم نه ٿي تڏهن به ان ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ضرور ايندي.

ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ادارن کان وٺي ميڊيا تائين  پي ٽي آءِ حڪومت کي ڀرپور حمايت ملي جيڪا شايد ئي ڪنهن حڪومت جي نصيب ۾ آئي هجي پر ٽن سالن جي ڪارڪردگي ۽ غير جانبدار ادارن جون رپورٽون ان جي ابتڙ ڪهاڻيون بيان ڪري رهيون آهن، جنهن جو تازو مثال ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ آهي. جنهن کي ڪنهن سياسي ڌر جي اثر ۾ هجڻ جو الزام هڻي پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي جان نه ٿي ڇڏائي سگهي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن عمران خان پاڻ مخالف ڌر ۾ هو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن جا حوالا ڏئي  ان وقت جي حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو.نواز شريف جي دور ۾ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ملڪ 124نمبر تان هيٺ لهي 117 نمبر تي اچي ويو هو پر پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن ۾ اهو ملڪ هن وقت دنيا جي180 ملڪن ۾ 140 نمبر تي اچي ويو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪرپشن جي واڌ اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته حڪومت پنهنجي ڪرپشن جي خاتمي واري نعري تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي انهي کانسواءِ احتساب بابت وزيراعظم جي مشير جي استعيفيٰ به انهي پاسي ڌيان ڇڪائي رهي آهي ته پي ٽي آءِ جي منشور جا جيڪي ٻه اهم نقطا هئا ڪرپشن جو خاتمو ۽ احتساب انهن ٻنهي ۾ حڪومت ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي جيڪو پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي آڏو وڏو سواليا نشان آهي ۽ ان جي ساک جو مسئلو بڻيل آهي.