بيلاروس جي ٽينس پليئر وڪٽوريا ازارينڪا رانديگرن جي مڪمل وئڪسينيشن جو مطالبو ڪيو آهي. يو ايس اوپن جي ٿرڊ رائونڊ ۾ پهچندڙ بيلاروس جي ٽينس پليئر وڪٽوريا ازارينڪا چيو آهي ته تماشائين آڏو کيڏڻ سٺو لڳي رهيو آهي. هن چيو ته اها عجيب ڳالهه ته ڪرائوڊ لاءِ وئڪسينيشن لازمي آهي ۽ رانديگرن کان ڪير پُڇي ئي نٿو. ازارينڪا وڌيڪ چيو ته ٻين راندين جيان ٽينس ۾ به رانديگرن جي وئڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ گهرجي.