دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. آءِ سي سي جي ٽي ٽوئنتي رينڪنگ ۾ قومي ٽيم ٽاپ ٿري ۾ اچي وئي. بنگلاديش خلاف پهرين ٽي 20 ۾ شڪست بعد نيوزيلينڊ جي رينڪنگ ۾ تنزلي ٿي آهي. ڪيوي ٽيم بنگلاديشن هٿان شڪست کائي چوٿين پوزيشن تي اچي وئي آهي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ انگلش ٽيم بدستور سرفهرست آهي، ڀارتي ٽيم ٻئي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته قومي ٽيم ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ انگلش ٽيم پهرين، ڀارت ٻئين، پاڪستان  ٽئين، نيوزيلينڊ چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا پنجين نمبر تي آهن. اهڙي ريت آسٽريليا ڇهين، بنگلاديش ستين، افغانستان اٺين، سريلنڪا نائين ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيم سڀ کان آخري يعني ڏهين نمبر تي موجود آهي.