وڌندڙ گهريلو تشدد ۽ قانوسازي

0
159

هونئن ته اسانجي سماج ۾ اها ڳالهه آهي ته ڇوڪري کي ٿوري سمجهه ايندي ئي گهر جي ناني، ڏاڏي يا وري ماءُ انهي ڳالهه تي بار بار ٽوڪيندي کيس راند روند ۽ شرارتن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هو ڇوڪري آهي ۽ سڀاڻي ٻين جي گهر ويندي، يا وري کيس انهي ڳالهه جو احساس ڏياريو ويندو آهي ته هو ڇوڪري آهي، انهي ڪري کيس محتاط سان ڪڏهن پنهنجي گهر جي مردن آڏو اوچي آواز ۾ نه ڳالهائڻ گهرجي، ايستائين جو جيڪڏهن گهر ۾ ماني پچندي آهي ته اها به اڳ ۾ انهي گهر جي مردن کي ڏني ويندي آهي پوءِ انهي ڇوڪري کي ڏني ويندي آهي.
اڄ به گهر جون اڪثر عورتون ڀلي بک ۾ پاهه ٿي رهيون هجن، ماني پچائينديون به پاڻ آهن پر اهي ماني تيستائين نه ٿيون کائي سگهن جيستائين انهن گهرن جا سمورا مرد ماني کائي نه چڪا هجن. يعني اسان جي سماج ۾ عورت کي ڄمندي ئي هڪ عجيب نفيساتي دٻاءُ هيٺ رکيو وڃي ٿو ته انهي سماج جي عورت گهريلو تشدد کي تشدد ئي نٿي سمجهي. جيڪڏهن ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي گهر ۾ ماريندو آهي ته ماءُ ڌيءَ کي اهو چئي خاموش ڪرائيندي آهي ته تون ته ڌيءَ آهين، وري جيڪڏهن مڙس زال کي ماريندو آهي ته انهي عورت کي سندس ئي والدين، مٽ مائٽ يا سڀ ڪو اهو چئي خاموش رهڻ جي تلقين ڪندو آهي ته تون زال آهين، مڙس جو چوڻ يا مڙس جا ٻه چنبا به برداشت نه ٿي ڪرين ۽ انهي تي اچي ايتري هاءِ گهوڙا مچائي اٿئي. يعني آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪندڙ کي نه رڳو دٻايو وڃي ٿو پر کين اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته جنهن تشدد کي اهي عورتون ظلم ۽ زيادتي سمجهي آواز اٿارين ٿيون، اهو ته ظلم ئي آهي ڪونه، انهي ڪري انهن تشدد کي برداشت ڪرڻ وارو عمل عورتن مان هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهي ٿو. ماءُ کي ظلم برداشت ڪندو ڏسي ڌيءَ به ظلم سهڻ جي عادي ٿي وڃي ٿي ۽ پيءَ کي ظلم ڪندو ڏسي پٽ جو به حوصلو وڌي ٿو، ايئن جن گهرن ۾ گهريلو تشدد ٿئي ٿو اهو ختم ٿيڻ بدران هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، پر ختم نه پيو ٿئي. هينئر گذريل ڏيڍ سال کان ملڪ ۾ ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا وڌي وئي آهي، لاڪ ڊائون ٿيندو رهي ٿو، اسڪول بند آهن، روزگار جا ذريعا گهٽجي ويا آهن، تڏهن انهي تشدد جي عمل ۾ بي انتها واڌ آئي آهي.
ڇاڪاڻ جو اڳي گهر ۾ عورتن تي تشدد ڪندڙ مرد جيڪڏهن تشدد ڪرڻ جو عادي به هوندو هو ته اهو سڄو ڏينهن پنهنجي ڪم ڌنڌي پٺيان هوندو هو، رات جو اچي ڪلاڪ ڏيڍ جيڪو به جائز يا ناجائز ڳالهه تي گوڙ شور ڪري عورتن ٻارن کي ڪو ٿورو گهڻي چئي سمهي رهندو هو، اهو لاڪ ڊائون ۾ ڪيڏانهن وڃي نه پئي سگهيو‏ نتيجي ۾ هن جي ڪاوڙ ۽ تشدد ڪرڻ واري عادت جيڪا منجهس موجود هئي، انهي جو وقت وڌڻ لڳو ۽ انهي عمل ۾ متاثر گهر جون اهي عورتون ٿيون جيڪي سندن رشتن ۾ قابو هيون. ساڳي وقت جيڪي ڇوڪرا اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ڏانهن ويندا هئا، يا وري جيڪي پنهنجي دوستن سان به ڪو وقت گذاريندا هئا اهي به لاڪ ڊائون جي ڪري رات جو سڄيون راتيون جاڳن ۽ ڏينهن جو دير تائين سمهن پوءِ ننڊ مان اٿندي اتان ئي ڀيڻ کي سڏين ته پاڻي ڏي، جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مصروف هجي ۽ پاڻي نه پهچائي ته مٿس تشدد ٿئي ٿو. ايئن ڪيتريون ئي هر عمر جون عورتون انهي لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ ڀوڳينديون رهيون، ميڊيا رپورٽس مطابق انهن ڏينهن ۾ طلاق جا واقعا به تمام گهڻا وڌي ويا، دارلامان ۽ پناهه گاهه مرڪزن ۾ به عورتن جو خاصو انگ پهچي ويو، پر هن سنجيده مسئلي طرف ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. انساني حقن خاص طور عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پاران انهي قسم جي ڪا ممڪن آهي ته سروي به ڪئي وئي هجي پر مونکي اهڙي ڪا به سروي يا انگ اکر نظر نه آيا ته انهن ادارن گهريلو تشدد جي متاثر ڪيترين ئي عورتن کي قانوني يا مالي سهائتا فراهم ڪئي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گهريلو تشدد کي روڪڻ لاءِ قانون به موجود آهي پر انهي قانون بابت قانون جا رکوالا يعني پوليس جا عملدار به اڃان تائين واقف ناهن، اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ جيڪا عورت قرت العين قتل ٿي، انهي جي ڪيس ۾ به رڳو قتل جا قلم لڳايا ويا پر انهي ۾ گهريلو تشدد جا قلم شامل ئي نه هئا.
جيتوڻيڪ هاڻي وفاقي سرڪار به انهي حوالي سان قانونسازي ڪرڻ ڏانهن وڃي رهي آهي ته اسانجي مذهبي ڌرين پاران انهي قانونسازي کي اسلامي قانون ۽ آئين سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ قانون قرار ڏيندي انهي خلاف جدوجهد جو اڻ سڌي طرح اعلان ڪيو ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ مون ٽي وي تي ڏٺو پئي ته ڪجهه مذھبي ڌرين اعتراض واريندي گهريلو تشدد کي روڪڻ لاءِ ٿيندڙ قانونسازي کي اسلامي قانون ۽ ملڪ جي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏنو آهي. آئون بطور هڪ عورت اهڙو موقف ٻڌي حيران ٿي ويس ته ڇا اسان جي مذهب ۾ عورت تي تشدد جي اجازت ڏنل آهي ڇا؟ اسان جي مذهب ته عورتن جي عزت ڪرڻ جو اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جو جنت کي ماءُ جي پيرن جي هيٺيان رکيو آهي، انهي مذهب ۾ عورتن تي تشدد جي اجازت ڪيئن هوندي؟ هاڻي ته ڳڻتي ورائي وئي آهي ڇاڪاڻ جو مذھبي ڌرين جو اهڙو موقف ته گهريلو تشدد ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، انهي ڪري مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙ ڌرين کي گهرجي ته اهي پنهنجي سياست ڀلي ڪن پر اسان عورتن کي به هن دنيا جو جيئرو جاڳندو فرد سمجهي اسان جي حقن لاءِ ٿيندڙ قانونسازي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ بدران مذهبي دليلن سان انهي جي حمايت ڪن ته ملڪي قانون جي خوف سان گڏ خوف خدا دل ۾رکي ماڻهو گهر جي عورتن تي ٿيندڙ تشدد کان پاسو ڪن ۽ عورتون پنهنجي مرضي موجب سک سان زندگي گذاري سگهن.