طالبان جو افغانستان ۾ عام معافي جو اعلان

0
518

ڪراچي: افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي جو سلسلو تيزي سان جاري آھي ۽ ھاڻ طالبان ملڪ ۾ عام معافي جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو آھي، افغان طالبان جي سياسي آفيسر جي ترجمان سھيل شاھين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تھ اسلامي امارات افغانستان جا در ان ماڻھن جي لاءِ کليل آھن جن حملي آورن جي مدد ڪئي، سھيل شاھين جو چوڻ آھي تھ اسلامي امارات افغانستان جا در ڪرپٽ ڪابل انتظاميا سان گڏ بيٺل ماڻھن جي لاءِ بھ کليل آھن، ترجمان جو چوڻ آھي تھ پھريان بھ معافي ڏني، ھڪ ڀيرو وري دعوت ڏيون ٿا تھ اچو ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪريون.