وياج خوري جو خاتمو، خوشحال سنڌ جو خواب ۽ پير پاڳارو!

0
184
وياج خوري جو خاتمو، خوشحال سنڌ جو خواب ۽ پير پاڳارو!

 وياج جو ڪاروبار سنڌ صوبي ۾ اسان جي سماج جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي واٽ ۾ هڪڙي رڪاوٽ بڻيل آهي. سنڌ جي آبادي جو 86 سيڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روزي لاءِ پريشان آهي،باقي 14 سيڪڙو آبادي ۾ وياج خور طبقو آهي، جنهن وٽ منشور آهي ته باقي آبادي جي وات جو گرهه کسجي، مال ملڪيتون، زر ۽ زمينون گوڏي هيٺ ڪجن ۽ پنهنجو سرمايو وڌائجي. سنڌ ۾ وياج خوري ۾ رڳو فرد ڪونهن، هتي ته هر وڏو وياج خور بئنڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن جي وسيلن کي کسي معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪجي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي وڏي پيراڻي گادي سيد محمد راشد شاهه روضي ڌڻي جي روحاني جماعت به وياج خوري سبب مشڪل حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي. حرجماعت جو وڏو تعداد مٺي، عمرڪوٽ،  سانگهڙ، نواب شاهه، خير پور، سکر، گهوٽڪي  ضلعن ۾ رهائش پذير آهن. سنڌ جي خوشحالي ۾ پير پاڳاري جي جماعت جو حصو ڳڻائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري پير صاحب پاڳاري پاران پنهنجي جماعت کي ڪيل خطاب جي تناظر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن رڳو پير صاحب پنهنجي جماعت کي پنهنجي مريد وياج خورن کان بچائي ٿو وڃي، ڄڻ خوشحال سنڌ جي خوابن جي تعبير ليکبي!

 دنيا ۾ جيڪڏهن روحاني ۽ صوفياڻي درگاهن ۽ خانقاهن جي تاريخ تي نظر وجهنداسون، ته ننڍي کنڊ ۾ حضرت پير محمد راشد شاهه روضي ڌڻي رحه جو درگاهي سلسلو روحانيت ۽ تصوف جي بنيادي اصولن تي صدين کان هلي رهيو آهي. جنهن جي تعليمات حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم  جن جي شريعت مطابق آهي،تنهن ڪري پير سائين محمد راشد شاهه روضي ڌڻي جي سڄي حياتي دينداري ۽ پياري حبيب جن جي سنت مطابق گذاريائون. سندن روحاني سفر دوران پنهنجي ڪردار، اخلاق، ذڪر ۽ فڪر، علم و عرفان، فيوضات و برڪات جي ذريعي سماج ۾ وڏي تبديلي آندائون، جنهن جي نتيجي ۾ لکين انسان دين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي حق جو ڪلمو پڙهيائون.  درگاهه پير سائين روضي ڌڻي رحه قال الله وقال الرسول جي صدائن جو مرڪز هئڻ ڪري هتي غير شرعي ۽ غير اسلامي روايتن، رسمن، ريتن ۽ عملن جي لاءِ ڪابه گنجائش ناهي رهي. پيران پاڳاره بزرگن پنهنجي پنهنجي دور ۾ درگاهي سلسلي کي ساڳي روحاني روايتن جو پاسدار سلسلو رکيو آهي. اهو روحانيت جو طريقو محمدي طريقو آهي. پيران پاڳاره بزرگن جو علمي فهم و فراست، جهاد في سبيل الله، اذڪار ۽ افڪار، صبر ۽ برداشت کي ڏسجي ٿو ته مٿن فخر ٿئي ٿو ته انهن پنهنجي دور ۾ سماج ۾ پنهنجي عظيم ڪردار جي ذريعي انقلاب برپا  ڪيا، جيڪو تاريخ جو حصو آهي.

پيران پاڳاره وقت جي يزيدن سامهون سينو تاڻي مقابلو ڪيو، ناحق ۽ جبر آڏو رڪ جي ديوار بڻجي ڌرتي ۽ قوم جو تحفظ ڪيو. انگريز سامراج خلاف جهاد ڪيائون، صدي جي ويڙهه ۾ برطانوي راڄ کي شڪست ڏئي گوڏا کوڙائي ڇڏيائون. نئون ملڪ پاڪستان قائم ٿي ويو، جلاوطني بعد جڏهن پير سائين پاڳاره شاهه مردان شاهه ثاني سجاده نشين ٿيو ته صبر ۽ برداشت جو اظهار ڪندي پنهنجي دشمنن کي معافي ڏئي غير معمولي ڪردار نڀايو. ان کانپوءِ پنهنجي جماعت کي لوڙهن ۽ جيلن جي قيد مان نجات ڏياري، انهن جي روحاني، سماجي، سياسي، معاشي طور تي سرپرستي ڪري وارثي جو عظيم مثال قائم ڪيو. پنهنجي وڏڙن جي عظيم روحاني، علمي، فڪري، سماجي، جهادي ۽ سياسي ميراث کي سنڀاليو، جنهن جي نتيجي ۾ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ جي نئين سر سان اڏاوت ڪرائي، ديني مدرسن جو نيٽ ورڪ وڇايو، سياست ۾ اهم حصيدار بڻجي جماعت کي اقتداري ڪاريڊور تائين پهچايو. حرجماعت وڌي ويجهي ۽ خوشحال جماعت ٿي ويئي.

پيرسائين پاڳاره شاهه مردان شاه ڇٽ ڌڻي پنهنجي درگاهي سلسلي جي روايتن کي جاري رکندي هر روحاني اجتماع ۾ پنهنجي مريدن کي زندگي کي بهتر انداز ۾ گذارڻ ۽ معاشري کي سهڻو بڻائڻ لاءِ  هدايتون، مشورا ۽ حڪم ڏيندو رهيو ته جيئن حرجماعت مھذب اسلامي معاشري جي مهندار جماعت ٿي سگهي.  ان سلسلي ۾ 1952ع کان وٺي 2012ع تائين هڪڙي ڊگهي سفر دوران جيڪي خاص طور تي هدايتون ۽ حڪم فرمايائون تن ۾

* حق حلال جي روزي ڪريو * پاڙيسرين جو خيال رکو

* قانون جو احترام ڪريو

* برائي بڇڙائي کان پري رهو

* بدمعاش ۽ برن ماڻهن جي صحبت کان بچو

* دينداري جو رستو اختيار ڪريو

* نماز قائم ڪريو، ٻه وقت قادري سلسلي جو ذڪر جاري رکو

* ڪنهن سان ناحق ۽ ناانصافي نه ڪريو

* هڪٻئي جو ادب ۽ احترام ڪريو

* حرجماعت ۾ ڪنهن به ذات پات جو ڪو تصور ڪونهي

* پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو ڪريو

* نيڪ ۽ صالح ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو

* نوجوان پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو اتي حق حلال جي روزي ملندي

* پنهنجي اولاد تي نظر رکو

* هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت نه وڃايو بلڪه حق حلال جي روزگار جي تلاش ڪريو

* پنهنجي اولاد کي وڌ ۾ وڌ تعليم ڏياريو، نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏياريو

* جائيداد مان نياڻين کي حصو ڏيو.

حضرت پير سائين پاڳاره ڇٽ ڌڻي جن پهريون ڀيرو 2004ع ۾ حڪم ڏيندي  طويل خطاب فرمايو هيايون، جنهن تي منهنجو ڪتاب ”سجاڳي جو سڏ“ڇپيل آهي، انهي خطاب ۾ پاڻ فرمايو ته

* اڄ کان ڄائي ڄم جا رشتا ختم ڪريو

* ننڍپڻ جا رشتا ختم ڪريو، سڱ چٽي نه ڏيو

* پيٽ لکي ڏيڻ بند ڪريو

* بنا راضپي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون مڱڻيون نه ڪريو

* پڙهيل لکيل ڇوڪرو پڙهيل ڇوڪري سان پرڻايو

* رشتيدارين / مڱڻيون ڪرڻ ۾ احتياط ڪريو

* عورتن کي حق ڏيو

* نياڻين جون شاديون قرآن پاڪ سان نه ڪرايو ڇاڪاڻ قرآن پاڪ واٽ ڏيکاري ٿو

* جن جي گهرن ۾ نياڻيون وڏيون ٿي ويون آهن انهن کي اٿاريو / شادي ڪرايو

* ننڍي ڄمار ۾ پنهنجي اولاد کي نه پرڻايو

* بالغ ٿيڻ کان پوءِ انهن جو راضپو معلوم ڪري پرڻايو

* جڏهن ملڪ  تي ڏکيو وقت اچي ته ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪريو.

مٿي ذڪر ڪيل هدايتون، نصيحتون، مشورا ۽ حڪم درگاهه پير سائين محمد راشد شاهه روضي ڌڻي جي درگاهه شريف جي انهي دستور جو حصو آهن، جيڪو ”دستور محمدي“ آهي. ساڳئي دستور تي عمل درآمد جي نتيجي ۾ حقيقي قلبي ۽ روحاني تسڪين ملي سگهي ٿي

هتي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته حرجماعت ڪيترو جوابده ٿي سگهي آهي ته اڄ تائين حضرت پير سائين پاڳارا ڇٽ ڌڻي رحه جي هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪري سگهي آهي!؟ بي عملي واري روش ۽ بي حسي جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي، هيستائين هزارين گهراڻا ۽ خاندان پنهنجي ڪوڙين انائن خاطر پير سائين پاڳارا جي هدايتن، مشورن ۽ حڪمن تي عمل نه ڪيائون ۽ پوءِ بي جوڙ رشتن ۽ بنا راضپي جي ڪيل شادين، ننڍپڻ جي سڱابندين ۽ سماجي ناانصافين جي باهه گهر ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيا، اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي

ان سلسلي کي جاري رکندي موجوده پير سائين سيد صبغت الله شاهه ثالث گذريل ڏهن سالن دوران ساڳئي دستور جي روشني ۾ هدايتن ۽ مشورن جو ورجاءَ ڪندو آيو آهي. پاڻ تازو عيد الضحيٰ جي موقعي تي روحاني خطابن ۾ پنهنجن عقيدتمند مريدن کي ڌيان ڇڪايو هدايتون ۽ مشورا ڏيندي چيائون ته

* پنهنجي اولاد تي نظر رکو، جيڪڏهن اولاد بري صحبت ۾ اچي ويو ته تڪليف والدين کي ٿيندي، پاڙيوارن کي ٿيندي ۽ معاشري کي به ٿيندي. ڪوشش ڪري ٻارن کي چڱي صحبت ڏيو.

 * پنهنجي ڇوڪرين تي وڌيڪ توجهه ڏيو ۽ کيس پڙهايو.

* توهان پنهنجي ٻارن جي صحبت ۽ تعليم تي ڌيان ڏيو

* اولاد کي تعليم يافته بڻائڻ لاءِ هدايت ڪيائون

* اولاد کي پڙهائڻ ۽ خاص طور تي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جي تلقين ڪئي آهي، جنهن سان معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو.

* وياج جي لاءِ چيو ويو  آهي ته جيڪو وياج ۾ ڦاسي ويو آهي يا وياج جو ڪاروبار ٿو ڪري، اهو ڄڻ خدا سان ۽ خدا جي رسول سان کلي عام جنگ ٿو ڪري. تنهنڪري جيترو ٿي سگهي وياج کان پري رهو. وياج ۾ ڪجهه وقت جي لاءِفائدو آهي ۽ پوءِنقصان ئي نقصان آهي.

*  توهان واندا ويٺا آهيو ته درود شريف پڙهندا ڪريو، ڇو ته توهان سان گڏ جيترا به ملائڪ سڳورا آهن، اهي سڀ ملائڪ سڳورا درود شريف پڙهندا آهن، درود شريف پڙهڻ سان توهان هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندا.

حضرت پير سائين پاڳاره موجوده جن بنيادي مسئلن طرف ڌيان ڇڪايو آهي، انهن سڀني جو واسطو هر عام ماڻهو سان آهي ليڪن وياج خوري جي لعنت  عام طور تي وڌي چڪي آهي، حرجماعت ۾ وياج خور ماڻهن جو تعداد جو ڳاڻيٽو سوايو آهي. حرجماعت جي علائقن ۾ وياج خورن جو هڪڙو گروهه پيدا ٿيو، اهو اڳتي هلي مضبوط نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، جماعتي نظام جي اهم ماڻهن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي پنهنجي وياج خوري جي ڪاروبار security ۽ safety بڻائي ويو آهي،جنهن جي نتيجي ۾ لکين جماعتي گهراڻن جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي جي خوابن کي چڪنا چور ڪيو پيو وڃي. پير سائين پاڳارا شاهه مردان شاهه ثاني رحه سٺ سالن تائين سخت جدوجهد ۽ محنتن جي نتيجي ۾ ٻاونجاهه واري ڏتڙيل جماعت کي معاشي، سماجي ۽ سياسي خوشحالي جي آسمان تي رسايو هو، ويهن سالن ۾ انهي وياج خور طبقي پوري رٿابندي تحت ساڳي جماعت کي پاڻ وٽ گروي رکي ڪنگالپڻي ۽ ڏيوالپڻي جو شڪار ڪري رهيو آهي!!! اهو بنيادي سوال آهي ته هن وحشتناڪ وياج خوري جي عمل ۾ انهي طبقي جي سرپرستي ڪندڙ حرجماعت جا ڪهڙا مک ماڻهو آهن، جن جا معاشي interest آهن

[email protected]