دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽن رانديگرن کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل مينز ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٽيم آف دي ايئر ۾ فواد عالم، حسن علي ۽ شاهين آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا 3-3 رانديگر شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ جا 2، سريلنڪا، آسٽريليا ۽ انگلينڊ مان هڪ هڪ رانديگر شامل ٿيو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم آف دي ايئر لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ون ڊي ٽيم ۾ فخر زمان ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي کي به شامل ڪيو ويو.