اشو آف دي ڊي ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ٿيڻ وارو آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
189
اشو آف دي ڊي ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ٿيڻ وارو آهي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

  ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيترن ئي ڏينهن کان صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ مهم پڻ هلائي پئي وڃي، ملڪ ڪي بقا صدارتي نظام هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪالهه به ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل رهيو، صدارتي نظام جي حمايت ۽ مخالفت سان گڏ اهڙي نظام تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ واريون پوسٽون شيئر ڪرڻ جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. شبير لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يا الله خير…!!! ملڪ مٿان صدارتي نظام جا بادل ڇائنجڻ لڳا، ڪريم بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدارتي نظام جي حوالي سان ٽي وي چينلن تي اشتهار هلڻ شروع ٿي ويا آهن، فقير فريد ڀنڀرو به اهڙواشتهار شيئر ڪيو،

ارباب جان محمد لکيو ته ملڪ اندر صدارتي نظام آڻڻ لا تياريون مڪمل ٿي ويون، منهنجي ذاتي سوچ ھن تي ڪير متفق ٿئي يا نه ٿئي، جنهن تي امير احمد کوسو، فقير اي ايچ نهڙيو، مير ملڪ محمد ٽالپر، عبدالرزاق نهڙيو، محمد خان مهر پوسٽ سان اتفاق ڪيو، رزاق نهڙي لکيو ته  صدارتي نظام لڳڻ گهرجي، جي ايم آريسر لکيو ته پهرين صدارتي نظام ٽن دريائن کي وڪرو ڪيو. ٻئي صدارتي نظام اڌ ملڪ وڪڻي ڇڏيو. .ٽئين صدارتي نظام سياچن کي وڪڻي ڇڏيو. چوٿين صدارتي نظام هڪ لک پاڪستانين جو خون وڪرو ڪيو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پنجون صدارتي نظام جيڪڏهن اچي ٿو ته ان ۾ ڇا وڪامندو.مدد علي نظاماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان جي مجبوري آ، صدارتي نظام ضروري آ، جنهن تي اختر آزاد لکيو ته ڪڏھن گورنر راڄ جو راڳ، ته ڪڏھن صدارتي نظام جي خواھش، سياسي جدوجھد پڄي ڪانه پاڻ واري سنگت کان، اقتدار پليٽ ۾ کپي ! ايوان ۾ فقط گوڙ ڪرڻ کي اپوزيشن نٿو چئي سگھجي،

ميانداد علي مهر لکيو ته صدارتي نظام لڳندو بس ٿورو انتظار ڪريو، نيڪ محمد پنهيار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ملڪ اندر صدارتي نظام آڻڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، جنهن تي شمشاد علي لکيو ته اهڙيون ڳالهيون ڪري لانگ مارچ وارن کي ڊيڄارن پيا، عبدالسلام سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدارتي نظام جا ٽي وي چينلن تي اشتهار هلڻ شروع ٿي ويا، وري نئون تجربو،  سوچ ساڳي رهندي ته نظام بدلڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مير ظفر شاهاڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پاڪستان ۾ جلد صدارتي نظام نافظ ٿيڻ وارو آھي انشاالله، ڪوڙن سياستدانن مان وڏيرن سردارن ناسورن مان جان ڇٽندي،

رسول بخش خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پراڻا تجربا ملڪ کي فائدو نه ڏئي سگهندا ملڪ وڌيڪ بحران جو شڪار ٿيندو، پاڪستاني ميڊيا ۾ ھڪ ڀيرو وري صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جا افواھه گردش ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن جن کي سوشل ميڊيا تي به آندو ويو آهي جنھن ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ملڪ ۾ نظام جي تبديلي چاھي ٿو، ٽن مھينن جي ايمرجنسي صدر لڳائيندو ايمرجنسي دوران ريفرينڊم ڪرايو ويندو ٽن مھينن تائين پارليامينٽ مان ڪنھن به منظوري کانسواءِ ملڪ کي ھلايو ويندو ،سپريم ڪورٽ جي مداخلت کي تسليم نه ڪيو ويندو ان سلسي ۾ فوج کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويوآھي، اھو ميسيج به ھليو آھي ته وزيراعظم ٽنھي فوجي سربراهن کي سڏي ورتو آهي اطلاع صدارتي نظام  اچڻ وارو آهي وزيراعظم آخري وار لاءِ تيار آھي، اھڙيون ڳالھيون ھر ٻئي ڏينهن تي ھلنديون رھنديون آھن پر اسان جي بدقسمتي اھا آهي ته ھتي ڪنھن معاملي  کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ھتي معاملا  ائين شروع ٿيندا آهن ماضي ۾ حڪومتون ائين تبديل ڪيون وينديون آهن پھرين پروپيگنڊا ڪبي آهي پوءِ اوچتو حڪومتون تبديل ڪيون وينديون آهن.

جنهن تي عبداللطيف لکيو ته پاڪستان جي آئين ۾ صدارتي نظام جي ڪابہ گنجائش ڪونهي. سوشل ميڊيا تي تي اھا ھوائي فائرنگ ٿيندي رهندي آهي تنھنڪري سيريئس ٿيڻ ڪا به ضرورت ڪونهي، اياز ڪلوڙ، عامر بخش جروار، رفيع خاصخيلي، سنڌو حسن علي ٻپڙ، نورمحمد خاصخيلي پوسٽ سان اتفاق ڪيو. علي احمد نظاماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدارتي نظام جا اشتھار ھلڻ جو مطلب آهي ته “ڌڻين” ماضي مان ٽَڪي جو به نه سکيو! اھو ئي راڳ اھا ئي راڳڻي..بشير احمد لطيفي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏھن ملڪ ۾ صدارتي نظام لڳايو وڃي ٿو ته اهل شعور هجڻ ناتي ڀيلڪار ڪنداسين، ڇو جو موجوده جمهوري نظام جي نالي تي ملڪ مٿان جاگيردار سرمائيدار قابض آھن جيڪي ملڪ توڻي عوام کي تباھه ڪري رهيا آھن، صحت تعليم زراعت ۽ روڊ رستا تباھه آھن ڪرپشن عروج رص آھي اهڙو نظام ۽ ترز حڪمراني ناقابل برداشت آھي،

جنهن تي نجيب چانڊيو لکيو ته صدارتي نظام جي پرچار ڪرڻ کان اڳ ماضيءَ جي صدارتي نظامن جو مطالعو ضرور ڪريو ڇا جنرل ايوب جي صدارتي نظام ۾ پير، وڏيرا ۽ سرمائيدار مخالف ڌُر ۾ ھئا ۽ ايوب جي ڪابينا ۾ سِرن جي بٺن جا مزدور، ڪُڙمي، لوهار، درزي، ڌوٻي ۽ ڌنار وزير مشير هئا؟ يا يحيٰ، جنرل ضياءَ ۽ مشرف سان به پورهيت ويٺا هئا؟ ۽ غريبن جو راڄ هيو؟ ٻيو هي به واضح ٿيڻ ضروري آھي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام صدر عارف علوي جي سربراهي ۾ هجي يا ان کي به ڪڍي ڪو نانِ سويلين سربراھه هجي؟؟ سرمد حيدرآبادي ۽ ريجهو راهي لکيو ته عمران خان کان ڪم گهڻو آهي ماڻهو کپن، ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ اشتهار هلڻ شروع ٿي ويا آهن.

جنهن تي محمد عاصم منگي لکيو ته صدارتي نظام وارو فيصلو درست آهي، لقمان خان شورو لکيو ته پوءِ جيڪي مينڊينٽ وٺي آيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟ گلشن لغاري لکيو ته آخري آپشن اٿن ، پاڻ ڊائريڪٽ حڪومت نٿا ڪرڻ چاهن ، ملڪ جي حالت جي ذميواري لازمي طرح سياستدانن تي وجهندا. ستار جانوري لکيو ته عمران کي آڻڻ جو مقصد ئي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ هو، عمران جي اقتدار جي آخري وقت ۾ صدارتي نظام لڳايو ويندو. قمر نواب ڪانڌڙو لکيو اهڙو ڪجهه نه ڪندا ڊيڄارن ٿا، دولهه دريا خان مغل لکيو ته عمران کي ايترو جلد رخصت نه ڪندا. عبد سنڌي لکيو ته صدارتي راڄ ايوب خان جي دور ۾ آزمايوسين مارشلائي دور ضياءَ الحق جي دور ۾ آزمايوسين لنگڙي لولي جمهوريت کي زرداري دور ۾ آزمايوسين عوام جي قسمت نه بدلي، افسوس، انهن جي گُهر نه ڪريو دنيا جي نَوَن نظامن ۾ سيڪيولرازم، سوشلزم ۽ ڪميونيزم نظام به آھن انهن مان ڪو به هڪ آزمائي ڏسو. ايوب خاصخيلي لکيو ته صدارتي نظام وارن افواھن تي ڪو ڌيان نه ڏيو، سيليڪٽ ڪرايل پي ٽي آءِ واري پردي جي پويان صدارتي نظام ئي ھلي پيو.