ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي شروعات کان اڳ ئي ايونٽ سان واڳيل آفيسر ۽ عملي کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.  پي سي بي ترجمان موجب نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو 10 سيڪڙو عملو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.  پي سي بي ترجمان ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ ٽيسٽ ڪيون ويون هيون، جنهن بعد ڪورونا جو شڪار ٿيل ملازمن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب پي ايس ايل ۽ گرائونڊ جو ڪم جاري رهندو.