ون ڊي رينڪنگ: بابر اعظم جي پهرين پوزيشن برقرار

0
243

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي برقرار آهي. ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو ٻيون ۽ روهت شرما جو ٽيون نمبر آهي، بابر اعظم کانسواءِ ٽاپ ٽين بيٽسمينن ۾ پاڪستان جو ڪو ٻيو رانديگر شامل نه آهي. آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر ستين، ويسٽ انڊيز جو شائي هوپ اٺين، نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن ڏهين نمبر تي آهن، پاڪستان جو فخر زمان 12هين نمبر تي آهي. ون ڊي بالنگ رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ پهرين نمبر تي آهي، ٽاپ ٽين بالرز ۾ ڪوبه پاڪستاني بالر شامل ناهي، شاهين آفريدي 12هين نمبر تي هليو ويو آهي. آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار رکيو آهي.