افغان فورسز کان کسيل چيڪ پوسٽن مان طالبان کي 3 ارب پاڪستاني ملي ويا

0
691

ڪراچي(م ڊ) پاڪ افغان سرحد تي افغان سيڪيورٽي فورسز کان کسيل چيڪ پوسٽن مان طالبان کي 3 ارب پاڪستاني روپيا ملي ويا، افغان طالبان جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان سيڪيورٽي فورسز سان خالي ڪرايل قنڌار جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ افغان فورسز جي چيڪ پوسٽن مان تقريبن 3 ارب روپين جي پاڪستاني ڪرنسي بر آمد ٿي آهي، تجزيو ڪندڙن چوڻ آهي ته هي اها رقم آهي جو افغان سيڪيورٽي فورسز اسمگلرن کان رشوت جي طور تي وصول ڪندي هئي، ڳجهي ايجنسي اين ڊي ايس ان پيسن کي پاڪستان ۾ حملا ڪرائڻ دهشتگردن کي ادائگي جي لاءِ استعمال ڪندي هئي، تجزيي ڪارن جو چوڻ آهي ته افغان ايجنسيون ڀارتي ۽ پاڪستان مخالف عنصرن جي هيٺئين فرنچائز جي طور تي سرگرم آهن.