ومبلڊن ٽينس ايونٽ ۾ سيمونا ھاليپ سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
214
ومبلڊن ٽينس ايونٽ ۾

ومبلڊن(اسپورٽس نيوز) عالمي ٽينس جي بھترين ايونٽ ومبلڊن ٽينس 2022ع ۾ مشھور عورت ٽينس اسٽار سيمونا ھاليپ سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سيمونا ھاليپ ڪوارٽر فائينل ۾ امريڪا جي امنڊا اينسيمووا کي 2_6 ۽ 4_6 تان آسانيءَ سان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاھي ورتي. ومبلڊن 2019ع جي فاتح سيمونا ھاليپ جو اھو ٽيون گرينڊ سلم سيمي فائنل آھي

سيمونا ھاليپ جو سيمي فائنل ۾ قازقستان جي روسي ڄائي رائبا ڪينا سان مقابلو ٿيندو جيڪا قازقستان طرفان پھرين عورت رانديگرياڻي بڻجي وئي آھي جيڪا گرينڊ سلم جي سيمي فائنل تائين پھتي آھي