ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ جي راجڌاني شھر ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ  ڪندڙ 5 نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي آهي،   پورٽ قاسم فيڊر برسات سبب ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي بريڪ ڊائون  سبب بيڪ پريشر تي ڪراچي واٽر بورڊ ڌاٻيجي پمپ ھائوس  جي ڌاٻيجي پمپ ھائوس لڳ 72  انچ قطر جي 5 نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي ھئي جنهن جو مرمتي ڪم مڪمل ڪري سپلائي بحال ٿيڻ جي ڪجھ ڪلاڪن ۾ ٻيھر بجلي بريڪ ڊائون سبب پائپ لائن ٻيھر ڦاٽي پئي. لائن ڦاٽڻ سبب لکين گيلن پاڻي ضائع  ٿي ويو ڪراچي جي مختلف علائقن  کي پاڻي جي سپلائي معطل ٿي وئي پاڻي ڌاٻيجي پمپ ھائوس ڪالوني ڌاٻيجي پمپ ھائوس ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي گھرن ۾ ڪاھي پيو ڌاٻيجي پمپ ھائوس  ۽ قومي شاھرا کي ملائيندڙ  روڊ تي پاڻي تمام گھڻو ھجڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس  پمپ ھائوس ڪالوني ۽ ڳوٺن جو عارضي طور تي شھر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو لائن ڦاٽڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس  جا ٽي پمپ بند ٿي ويا جنهن سبب ڪراچي جي اڪثر علائقن  کي تقريبن 80 ملين گيلن پاڻي جي سپلائي  معطل رھندي پاڻي جي مڪمل نيڪالي بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو.