وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ کانپوءِ بحالي تائين مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
261

سيتا روڊ (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سان اختلاف آهن ۽ اڳتي هلي وڌي به سگهن ٿا، چاهيون ٿا ته ايم ڪيو ايم سان معاهدي تحت هلون، معاملن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون

سيتا روڊ ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضد تي جلد چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، عمران خان هر موقعي تي ناڪام ٿي چُڪو آهي، کيس صلاح ڏيان ٿو ته هو پارليامينٽ ۾ واپس اچي

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سيتاروڊ جي دوري دوران وڌيڪ چيو ته معاشي حالتون خراب ٿيون ته امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي، سنڌ ۾ اڃا به ٻوڏ متاثرن کي ڏکيائون آهن، وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ کانپوءِ بحالي تائين مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو

بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته متاثرن جي مدد لاءِ سڄي دنيا مان ٻيهر امداد گڏ ڪنداسين، ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، ورلڊ بئنڪ مان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پروگرام منظور ڪرايا آهن، پنهنجن ماڻهن کي لاوارث حالت ۾ نه ڇڏينداسين

هي به پڙهندا

جنرل باجوه کي ڪڏهن به ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها: عمران خان

رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين:وزيراعظم