وزيراعظم طرفان سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي جو فضائي جائزو، ٻوڏ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو آهي: بلاول

0
422

وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي جو فضائي جائزو ورتو، وزيراعظم سکر روانگي دوران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو ورتو

سکر ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي آجيان ڪئي

وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ قمبر-شهدادڪوٽ جو دورو ڪيو، وڏي وزير، آبپاشي عملدارن ۽ ايم پي اي نادر مگسي ٻوڏ صورتحال بابت بريفنگ ڏني

وزيراعظم شهباز شريف ڪئمپن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ پرڏيهي وزير سان گڏ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهايا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب ٿيل تباهي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو آهي

هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي

بلاول وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ اڪيلي سر ماحولياتي تبديلي جي هاڃن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، دُنيا کي گڏجي هن آفت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d9%88%da%8f%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%db%bd-%d9%86%d8%a7%d8%af%d8%b1-%d9%85%da%af%d8%b3%d9%8a-%d9%88%da%86-%db%be-%d9%82%d9%85%d8%a8%d8%b1-%d8%b4%d9%87%d8%af%d8%a7%d8%af%da%aa%d9%88%d9%bd/

اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کي بچايون:وڏو وزير

اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کي بچايون:وڏو وزير