گھوڙاٻاري (ن پ ا) ور شھر لڳ ڳوٺ غريب نواز شيخ ۾ مڱڻي ٽٽڻ کان پو۽ نوجوان عبدالستار شيخ ذهني توازن وڃائي ويٺو، وارثن نوجوان کي گذريل اٺن سالن کان گھر اندر زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو. نوجوان عبدالستار ذهني توازن وڃائن ۽ زنجيرن سان ٻڌل ھجڻ جي باوجود سنڌي ۽ اردو گيت ڳائي پنھنجي دل وندرائيندو رھي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن وارثن کي شادي ڪرائڻ لاءِ منٿون ڪندو رهي ٿو. نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته عبدالستار بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ھو ۽ مزدوري ڪري پنھنجي خاندان جو پيٽ گذر ڪندو ھو. مائٽن مان سندس ڀيڻ جو سڱ ڏئي سندس مڱڻي ڪرائي وئي، جنھن کان پو۽ سندس ڀيڻ کي ته پرڻائي ڏنو ويو پر عبدالستار کي سندس مڱيندي نه ڏني وئي، جنھن کان پو۽ ھو نفسياتي ٿي چرين واريون ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ذهني مريض ٿيڻ کان پو۽ اڪثر گھر ۾ وڙھندو رهندو هو، جنھن ڪري کيس زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو آھي. نوجوان جون پنج ڀينرون آھن جيڪي شادي ڪري پنھنجن پنھنجن گھرن ۾ رھن ٿيون، نوجوان جي پيرسن ماءُ پني پنھنجو ۽ نوجوان عبدالستار جو پيٽ پالي ٿي. سندس پيرسن ماءُ جو چوڻ آھي ته جوان پٽ چريو ٿي ويو آھي، جنھن جي درد سندس جيءُ جھوري وڌو آھي. ھن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جو علاج ڪرايو وڃي جيئن ھو ٻيھر سندس سھارو بڻجي سگھي.