حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر جي ڪرپشن واري ڪيس مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. اسٽوڊنٽس ويلفيئر آفيسر خالد ميراڻي پنهنجي وڪيل ظفر علي لغاري معرفت ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي. جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل سنگل بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو بنا جواز گهرن تي چڙهايون ڪري گرفتاري لاءِ هراسان پئي ڪري جڏهن ته اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت ٻين جوابدارن خلاف داخل ڪرپشن ڪيس ۾ به سندس نالو نه آهي ۽ نه ئي ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران جمع ڪرايل ڪچي چالان ۾ سندس نالو آهي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ويلفيئر آفيسر جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته اينٽي ڪرپشن سرڪل پوليس ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ۾ 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو ڪيس 68 جوابدارن خلاف داخل ڪيو هو. ڪيس جي جاچ دوران پوليس پوائنٽ بسن جي ٽينڊرز ۾ مبينا خرد برد جي الزامن جي جاچ به شروع ڪئي ان دوران ڄاڻايل آفيسر کي بيان لاءِ سرڪل آفيس طلب ڪيو جتي هن پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو هو پر تنهن باوجود ٻيهر کيس پيش ٿيڻ لاءِ 5 کان وڌيڪ نوٽيس اماڻيا ۽ پيش نه ٿيڻ تي سندس گهر تي پڻ اينٽي ڪرپشن پوليس پاران چڙهائي ڪئي وئي جنهن بعد گرفتاري جي خوف کان ڄاڻايل آفيسر پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي.