ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو نارا ڪئنال مان نڪرندڙ منگلي شاخ کي آر ڊي نمبر 21 وٽان 15 فٽ گهارو پئجي ويو، گهاري پوڻ سبب شاخ جو پاڻي فصلن ۾ داخل ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو، آبپاشي عملو اطلاع باوجود نه پهچي سگهيو، آبادگارن ھمٿ ڪري پنهنجو مدد پاڻ تحت شاخ کي ند ڪري ورتو. نارا ڪئنال مان نڪرندڙ منگلي شاخ کي آر ڊي نمبر 21 وٽان 15 فٽ گهارو پئجي ويو، گهاري پوڻ سبب شاخ جو پاڻي ڀرپاسي پوکيل وونئڻن، جوئر، جنتر ۽ ڀاڄين جي فصلن کي ٻوڙي، ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو.ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن پاران آبپاشي عملي کي گهاري جو بر وقت اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاسي عملو گهاري واري ھنڌ ٻه ڪلاڪ دير سان پهتو، مقامي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ھمٿ ڪري شاخ کي پيل گهارو بند ڪرائي ورتو. نارا ڪينال مان نڪرندڙ منگلي شاخ جا دروزا نارا ڪينال وٽان بند ڪرائي ورتا، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي آبادگارن ٻڌايو ته وارا بندي جي ڏينهن ۾ آبپاشي عملو شاخ جي پيٽ مان پئسن عيوض مٽي وڪرو ڪريو ڇڏي جنهن سبب شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا آھن ۽ شاخ کي گهارا پوڻ روز جو معمول آھي اڄ گهاري پوڻ سبب اسان جو لکين رپين جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي جنهن جو ازالو ڪيو وڃي.