ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ حيدرآباد روڊ تي پوليس لائن وٽ سامان وٺڻ لاءِ آيل وڪيل قائم ڪاشف پھوڙ جي گاڏي روڪڻ بعد قائم ڪاشف ۽ سندس ڀاءُ سجاد کي 4 جوابدارن گاڏي مان لاھي مبينا حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کين کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، تشدد دوران وڪيل جو ڀاءُ سجاد پھوڙ زخمي ٿي پيو، جنھن کي سول اسپتال مان طبي امداد بعد کيس گهر روانو ڪيو ويو، پوليس موقعي تي پھچي ھڪ جوابدار حسين علي نوحاڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا، جنھن بعد وڪيل قائم ڪاشف پھوڙ جي فرياد تي چار جوابدارن حسين نوحاڻي، راھول موٽياڻي، بلال نوحاڻي ۽ عبدالطيف 4 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.