ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ويجهو شادي جي دعوت تي آيل به نينگر پاڻي جي تلاءِ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ورڪشاپ ويجهو نو چڪ ۾ شادي جي دعوت ۾ پنهنجي مائٽن سان گڏجي آيل ڏهه چڪ واسي ٻه سڳا سئوٽ نينگر 9 سالن جو عديل ۽ 11 سالن جو ارسلان پاڻي سپلاءِ لاءِ ٺهيل واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، سندن وارثن موجب ته ٻئي نينگر پنهنجي ويجهن مائٽن جي شادي جي دعوت تي آيل ھئا جيڪي شادي واري گهران اوچتو راند کيڏندي ڳوٺ ڀرسان ٺهيل پاڻي جي تلاءَ طرف نڪري ويا، ڪافي دير تائين وارث سندن ڳولا ڪندا رھيا، جنهن کانپوءِ کين ڪٿان خبر پئي ته ٻئي نينگر پاڻي جي تلاءَ طرف ويندي ڏٺا ويا ھئا جتي پاڻي جي تلاءَ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻئي نينگر ٻڏي فوت ٿي ويا. معصوم نينگرن جا لاش ڳوٺاڻن ۽ سندن وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جي تلاءِ مان ٻاھر ڪڍي سول اسپتال سانگهڙ کڻائي روانا ٿي ويا، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا جيڪي لاش کڻائي ڏهه چڪ روانا ٿي ويا. ٻڏي فوت ويل ٻنهي نينگرن جي گهرن ۾ اوچتو لاش پهچڻ شرط ڪهرام مچي ويو سندن مائرن کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا. علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هر ھر اک آلي ٿي وئي.