همايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان مخولپورلاڙي وٽ ڳوٺ صالح پور واسي 24 ورهين جو محمد يوسف گورشاڻي ريلوي ٽريڪ سان وڃي رھيو ھو ته پويان ايندڙ جعفر ايڪپريس کيس ٽڪر هنيو، جنهن نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ تپهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه ھو،