واڳ ڌڻي جي وس

0
1155

اردو جي هڪ وڏي اخبار روزاني “جنگ” ۾ ڪيترن سالن تائين لڳاتار ڪالم لکندو رهيو آهيان. “جنگ” کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ مسئلو اهو هو ته ڪهڙي اخبار ۾ ڪالم لکان؟جنهن سان ڳالهه گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي. مان علي قاضي صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنهن “پنهنجي اخبار” ۾ مونکي ڪالم لکڻ جو اعزاز بخشيو.
“پنهنجي اخبار” جي چونڊ جا مختلف سبب آهن. پهريون ۽ وڏو سبب اهو آهي ته پاڪستان جي وڏي ميڊيا گروپس جي مالڪن ۾ علي قاضي صاحب سڀ کان وڌيڪ پروفيشنل آهي. هو پنهنجي فطرت ۽ سرشت ۾ صحافي آهي. سوشل ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا جي دور ۾ علي قاضي صاحب “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” ٽي وي چينل کي اعليٰ صحافتي قدرن جي بنياد تي عوام جي حقيقي نمائنده ميڊيا ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ سندس صحافتي ادارن جي عوام ۾ ساک آهي، انهن ادارن جي عوام تائين تيزي سان پهچ ٿي رهي آهي. ٻيو وڏو سبب اهو آهي ته علي قاضي صاحب جي ميڊيا گروپ ۾ لکڻ يا ڳالهه چوڻ جي وڌيڪ آزادي آهي. علي قاضي صاحب بيدل فقير جي هن سٽ ته “ سک رمز وجود وڄاوڻ دي” تي عمل ڪندي پنهنجو پاڻ کي صحافت ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي.
پهريون ڪالم اهڙي موقعي تي لکي رهيو آهيان جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار جي چوٿين ناڻي واري وزير شوڪت ترين حڪومت جي ٽين بجيٽ پيش ڪئي آهي. بجيٽ تقرير ٻڌڻ ۽ بجيٽ دستاويز جو مٿاڇرو مطالعو ڪرڻ بعد انهي بجيٽ بابت جيڪا مان راءِ قائم ڪري سگهيو آهيان، اها اِها آهي ته پي ٽي آءِ جي بجيٽ مالي سال 22-2021ع مڪمل “يوٽرن” بجيٽ آهي ۽ گذريل ٻن سالن جي بجيٽ کان بلڪل ابتڙ آهي. پهريون ٻه بجيٽس اهڙيون هيون جن تي عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سڀني کان وڌيڪ خوشي جو اظهار ڪيو هو. انهن بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف کانسواءِ ڪنهن لاءِ ڪجهه نه هو. حڪومت ٻئي ڀيرا اهو چوندي رهي ته ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏکيا ۽ غير مقبول فيصلا ڪرڻا پيا. پي ٽي آءِ جي ٽين بجيٽ گذريل ٻن بجيٽس جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ مڪمل يوٽرن آهي. هي اهڙي طرح جي سياسي بجيٽ آهي جهڙي بجيٽ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جون سياسي حڪومتون ڏينديون رهيون آهن ۽ جن تي وزير اعظم عمران خان سدائين تنقيد ڪندو رهيو آهي. هي سڀني کي خوش ڪرڻ واري بجيٽ آهي. جنهن ۾آءِ ايم ايف جون ڳالهيون نه مڃيون ويون آهن. بجلي جا اگهه نه وڌايا ويا آهن. ٽيڪسن ۾به واڌ نه ڪئي وئي. ايف بي آر ۽ ٻين ادارن ذريعي ماڻهن جي وٺ پڪڙ ۽ کين هراسان ڪرڻ جي عمل کان به روڪيو ويو آهي. واپارين، صنتڪارن سان گڏوگڏ عام ماڻهن لاءِ به بجيٽ ۾ رليف ۽ موقعا موجود آهن. ترقياتي بجيٽ ۾ به واڌارو ڪيو ويو آهي. معاشي ترقي ۾ واڌ ۽ خساري ۾ گهٽتائي جا وڏا هدف به مقرر ڪيا ويا آهن. تنقيد لاءِ مخالف ڌر وٽ ڪي لفظ يا منطقي دليل نه آهن. آءِ ايم ايف وارا به سوال ڪري رهيا آهن ته سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ پيسا ڪٿان ايندا ؟ اهڙي عام سوال جو جواب حاصل ڪرڻ کان پهرين هتي هڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.
اها فيبرروري 1997ع جي ڳالهه آهي. نگران وزير اعظم ملڪ معراج خالد ڪراچي جي صدڪو سينٽر ۾ هڪ تقرير کي خطاب ڪري رهيو هو. هن پنهنجي ڊگهي تقريب ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جو تفصيلي تجزيو ڪيو. هڪ مرحلي تي هن جي وات مان اهو نڪري ويو ته “عالمي بينڪ اسان سان شڪايت ڪئي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو عالمي مالياتي ادارن جي پروگرامن تي عمل نه ٿي ڪري ۽ اها انهن پروگرامن خلاف مزاحمت ٿي ڪري اسان عالمي بينڪ کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت نه ايندي.” ٻئي ڏينهن اردو اخبار “جنگ” ۽ انگريزي اخبار“ڊان” جي اها ليڊ اسٽوري هئي. روزاني “جنگ” اها سرخي لڳائي ته “بينظير هاڻي حڪومت ۾ نه ايندي نگران وزير اعظم جي عالمي بينڪ کي خاطري.” انهي وقت ملڪ ۾ زبردست چونڊ مهم جاري هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو نگران وزير اعظم جي انهي بيان تي انهي ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته نگران وزير اعظم جي بيان مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي ۽ نتيجا پهريان ئي تيار ڪيا ويا آهن ته پيپلز پارٽي کي حڪومت ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو اهو به چيو ته نگران وزير اعظم جي بيان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عالمي مالياتي ادارن جي پروگرام تي عمل نه ڪرڻ جي سزا منهنجي حڪومت ختم ڪري ڏني وئي آهي ۽ 6 نومبر 1996ع تي منهنجي حڪومت ختم ڪرڻ جون حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ 20 سيپٽمبر 1996ع تي منهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪيو ويو. انهي کان ٻئي ڏينهن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلام آباد سپريم ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي. جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته نگران وزير اعظم ملڪ معراج خالد جي بيان تي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هو چونڊ نتيجن کان پهرين ڪيئن ٿو چئي سگهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه ٺهندي. پٽيشن ۾ اها به استدعا ڪئي وئي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ طئي ٿيل نتيجنجي منصوبي تي عمل کي به روڪيو وڃي. انهي پٽيشن تي رڳو هڪ شنوائي ٿي ۽ اڄ تائين اها التوا جو شڪار آهي.
انهي واقعي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستان جي سياسي اقتصادي ۽ رياستي ڍانچو ڪهڙي طرح عالمي مالياتي ادارن ۽ سامرا جي طاقتن جي پڪڙ ۾ آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت ماضي ۾ ڪيترين حڪومتن عالمي مالياتي ادارن جي پڪڙ مان نڪرڻ لاءِ جيڪا ٿوري گهڻي مزاحمت ڪئي، کين ان جو نتيجو ڀوڳڻو پيو. پي ٽي آءِ حڪومت يوٽرن وٺندي ظاهري طور پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي واٽ تي هلي پئي آهي ۽ “سخت” فيصلا ڪري ويٺي آهي، اها ڏاڍي ڏکي واٽ آهي. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلندڙ آهن، ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ کان بنا بجيٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هاڻي اچون ٿا انهي سوال تي ته ڇا هن بجيٽ تي عمل ٿي سگهندو ؟
جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي حڪومتن جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي فوج جي مڪمل حمايت حاصل آهي ۽ هو پنهنجي وڃايل سياسي مقبوليت بحال ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي پروگرام خلاف مزاحمت ڪري سگهي ٿي، اهي پاڪستان جي سياسي اقتصادي ۽ رياسي ڍانچي کان مڪمل طور واقف نه آهن. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پي ٽي آءِ آءِايم ايف جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان ظاهري طور ڇو انڪار ڪيو؟ انهي سوال جو هڪ جواب ته هي ٿي سگهي ٿو ته حڪومت اڳتي هلي آءِ ايم ايف جا سڀئي شرط پورا ڪندي. هن بجيٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ نان ٽيڪس روينيو ۾ جيڪو وڏو هدف رکيو ويو آهي، انهي ۾ سموري گنجائش موجود آهي. ٻيو امڪان اهو آهي ته آءِ ايف ايف پهريون ڀيرو پنهنجي شرطن تي وقتي سمجهوتو ڪري ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي ٻيو بيل آئوٽ پيڪيج ڏئي ڇڏي، جنهن جي درخواست انگريزي اخبار“ ڊان” مطابق وزير اعظم ڪئي آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تي سمجهوتو ٿي ڪري ۽ ٻيو بيل آئوٽ پيڪيج به ڏئي ٿي ته انهي جو مطلب اهو آهي ته عالمي طاقتن جي پاڪستان ۾ ڪا نئين داخلي ۽ علائقائي ايجنڊا آهي. شُوڪت ترين به سمجهي ٿو ته اصل ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
پاڪستان جي معيشت ايتري مضبوط ناهي جو اهڙي بجيٽ ڏئي سگهجي. هاڻي اڳتي ڇاٿو ٿئي فيصلو انهن قوتن کي ڪرڻو آهي جنهن جو پاڪستان جي سياست، معيشت ۽ رياستي ادارن تي گهرو اثر آهي. واڳ ته هنن جي ئي هٿ ۾ آهي.