وارهه (ن پ ا) وارهه جي مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن عاشق علي شاهه، ڪامريڊ منان چانڊيو، محڪم الدين چانڊيو، دادلو ٻرڙو، نواب گاڏهي، غلام حسين گاڏهي ۽ ٻين چيو ته ڪنئور، پنا، نواب، نصير، تنيا مائينر ۽ حامد شاخ ۾ سوڪهڙي سبب واري اڏامي رهي آهي، هنن چيو ته پاڻي نه پهچڻ ڪري سارين جو ٻيجارو به پوکجي ناهي سگهيو، جنهن ڪري آبادگارن کي نقصان پهچڻ جو نديشو آهي، هنن الزام هنيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري منڍ جا بااثر زميندار پاڻي چوري ڪري رهيا آھن. هنن گهر ڪئي ته پاڻي چوري بند ڪري چورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.