اشو آف دي ڊي سنڌ يونيورسٽي پاران في ۾ واڌ ڇو؟ سوشل ميڊيا تي بحث ۽ تجويزون

0
211

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران في ۾ واڌ واري معاملي تي ڪالهه به سوشل ميڊيا تي بحث جاري رهيو، في ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان کانسواءِ في گهٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ان بابت تجويزون پڻ ڏنيون ويون. ان سلسلي ۾ محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بحريا ٽائون کي بجلي جي مد ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪري اها سبسڊي تعليم جي بهتري لاءِ گرانٽ طور سنڌ جي درسگاهن کي ڏني وڃي، فيروزا لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسرن جي نظر ۾ صرف هو پاڻ عقل وارا آهن باقي سڀ ڄٽ آهن،شاگرد قوم جو اثاثو ۽ ملڪ جو مسقبل آهن في ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي،رزاق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگرد جي ريلي کي روڪڻ لاءِ فورس ته طلب ڪري ٿي پر شاگردن جا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ انتظامي اجلاس طلب نٿي ڪري، ڪيترن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل شاگرد وٽ نه ته حڪومت جو ڪو نمائندو پهتو آهي نه وري يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي خاطري ڪرائي سگهي، آخر سنڌ جي روشن مستقبل جي معمارن سان هي ڪلو ڪيستائين جاري رهندو، اسان سنڌ جي شعور ۽ اهل دانش کي اپيل ڪيون ٿا ته شاگرد جي احتجاج جي اخلاقي حمايت ڪري شاگردن جو ساٿ ڏين. ڪاشف برڪت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يونيورسٽي جي فيسن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪرڻ خلاف شاگردن جي مزاحمت کان پوءِ نثار کهڙو 30 بدران 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، پر شاگردن جي جدوجهد جاري رهندي يونيورسٽي انتظاميا طرفان وڌايل فيون 30 جو 30 سيڪڙو گهٽائڻيون پونديون. حريف خان چانڊيو ۽ ڀرڳڙي صديق پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي پاران شاگردن جي في وڌائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ سرڪار کي سنڌ يونيورسٽي کي اسپيشل گرانٽ ڏيڻ گهرجي. عرفان گوپانگ لکيو ته في گهٽائڻ ۽ يونيورسٽي مان فورسز کي نيڪالي واري شاگردن جي مطالبي جي حمايت ڪجي ٿي. عرفان ڀٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاگردن جو احتجاج جاري آهي جنهن تي امير حسن پنهور، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، مير غفار لنڊ، دليپ ڪمار، عنايت الله رستماڻي، انصار علي ٻرڙو ۽ ٻين شاگردن جي احتجاج جي حمايت ڪئي. رابيل شر احتجاج واريون وڊيوز شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي فين جي واڌاري خلاف احتجاجي ريلي ۾ فورسز پاران شاگردن کي گم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي سخاوت، سنڌ بجيٽ ۾ سرگوڌين اسپرٽ ٽرسٽ لاءِ سترنھن ڪروڙن جي گرانٽ، باقي يونيورسٽي شاگردن جي في نه گھٽائبي؟ جنهن تي شجاع الدين قريشي لکيو ته اھا رٽائرڊ پائليٽن جي تنظيم آھي. جي اين کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم دشمن پاليسيون نامنظور!تعليم مھانگي ڪرڻ معنيٰ غريب کان علم ۽ بھتر مستقبل جو حق کسڻ آھي. ذوالفقار کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته يونيورسٽي جي ھر مسئلي جو بار شاگردن تي ڇو ٿو ڪِرايو وڃي؟ ھتي جيڪڏھن سوٽا اڳواڻ جو ميڊيڪل بِل به مبينا لکن ۾ نڪري ٿو ، اِھي ئي ساڳيا بحران ھئا. ممتاز علي هنڱورجو پوسٽ شيئر ڪندي لکي وته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي فيسن جي واڌاري خلاف احتجاجي ريڪي ۾ فورسز پاران شاگردن کي گم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ احتجاج مسلسل 2 ڪلاڪ جاري رهڻ بعد جڏهن شاگرد دوستن اهو اعلان ڪيو ته اسان باءِ پاس بند ڪرڻ وڃون ٿا ان کان پوءِ نثار کهڙو ڳالهين لاءِ پهتو جنهن چيو ته اسان فيسن ۾ واڌ ختم ڪيون ٿا جنهن بعد احتجاج ختم ويو ۽ اهو طئي ٿيو ته اگر فيسون گهٽ نه ٿيون وري اسان هي جدوجهد تيز ڪري هاڻ روڊن تي نڪري پونداسين، انعام الله شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن اداري ۾ هڪ ڏينهن ۾ 55 پروفيسر مقرر ٿين، ڀيڻن، ڀاڻيجين، ڀائرن، پٽن جي ڀرتي جي ڌم هجي، جتي استادن جو هر گروپ پنهنجي حصي پتي لاءِ اداري کي ڪهڻ لاءِ تيار هجي، اتي قارون جو خزانو به پورو نه پئجي سگهندو، فيون نه وڌايو ڀلي بئنڪون ڦريو ڪجهه نه ٿيندو. ادارو مالي نه پر اخلاق بحران جو شڪار آهي