دريا خان مري ڀرسان نوجوان ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
190

دريا خان مري (رپورٽر) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ دوست محمد لغاري ۾ 18 ورهين جي نوجوان محمد سھيل لغاري مال جي واڙي م ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، دريا خان مري پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش ايمبولينس بدران ڊاٽسن تي دريا خان مري اسپتال آندو، دريا خان مري ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس وارث لاش ايمبولينس بدران ڊاٽسن تي ڳوٺ کڻائي ويا، نوجوان جي پيءُ حاجي سعود احمد لغاري جو چوڻ آهي ته نوجوان جو زھني توازن ٺيڪ نه ھو.