ميرپور ساڪرو (ن پ ا)آبپاشي سب ڊويزن ميرپور ساڪرو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف اربع ڏينهن آبادگارن جي ڌرڻي کانپو انجنيئر ايريگشن ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڏيارڻ باوجود گذريل ڏينهن آفيس مان کسڪي ويو. آبادگار اتحاد جي اڳواڻن ڌڻي بخش لاشاري، عبدالرزاق ڪلمتي، قادر موليپوٽو، حمزو جماري، امين بلوچ، عبدالغني عباسي، علم رند، جبار لاشاري، علي بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ايريگشن آفيس سامهون ساڪرو- گھارو روڊ تي ٻيھر ڌرڻو هنيو ويو. ان دوران روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته سب ڊويزن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. گذريل چئن مھينن کان پاڻي کوٽ سبب جر به کارو ٿي ويو آهي. ملڪ واھ، راڄ واھ، ٽاڪاڻي شاخ، لڌيا واھ، ڊوھڙو نالي ۽ ٻروسري شاخ جي پوڇڙ ۾ واري اڏامي رهي آهي. ان دوران اي ايس آءِ نجم الدين بلوچ آبادگار اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.